dailysobh@cyber.net.pk
dailysobh@wol.khi.net.pk
Email:
Islamabad
Karachi




visitor
hit counter
html hit counter
Powered By :Pmedia
© Copyright  2009 Dailysobh. All Rights Reserved
Hyderabad
Sobh Magazines
Sobh Editions
ڪراچي (رپورٽ: نياز کوکر) سنڌ حڪومت رينجرز ۽ پوليس کي مهاجر صوبي لاءِ ڪيل وال چاڪنگ 24 ڪلاڪن اندر ڊاهڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، جڏهن ته وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته ڪراچي سميت سنڌ جي ڪنهن به شهر ۾ ڌار صوبي جي وال چاڪنگ، پوسٽر ۽ بينر برداشت نه ڪيا ويندا، ملوث ماڻهن خلاف سخت ڪارروائي ٿيندي، گذريل ڏينهن وزيراعليٰ هائوس ۾ وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي صدارت هيٺ هنگامي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صوبائي وزيرن، ڊي جي رينجرز، آءِ جي سنڌ ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ ڌار صوبي لاءِ ڪيل چاڪنگ جو سخت نوٽيس ورتو ويو، ان موقعي تي آءِ جي سنڌ ڪراچي جي مختلف علائقن گلستان جوهر، يونيورسٽي روڊ، نيپا چورنگي، ناظم آباد ۽ ٻين هنڌن تي سنڌ جي وحدت خلاف لڳايل نقشن، سائن بورڊن ۽ وال چاڪنگ بابت بريفنگ ڏني، وڏي وزير سيد قائم علي شاهه رينجرز جي ڊي جي ميجر جنرل رضوان اختر کي ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٻين شهرن ۾ ٿيل وال چاڪنگ 24 ڪلاڪن اندر ڊاهڻ، نقشا ۽ سائن بورڊ هٽائڻ جو حڪم ڏنو، وڏي وزير چيو ته سنڌ جي وحدت خلاف ٿيل وال چاڪنگ 24 ڪلاڪن اندر ڊاٿي وڃي، وال پوسٽر ۽ بينر هٽايا وڃن ۽ ڪم ڪندڙ عملي کي مڪمل سيڪيورٽي فراهم ڪئي وڃي ته جيئن ڪو اڻوڻندڙ واقعو پيش نه اچي سگهي، ذريعن موجب ان کان اڳ گذريل رات وڏي وزير سيد قائم علي شاهه گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد سان ملاقات ۾ پڻ متحده جي اثر وارن علائقن ۾ مهاجر صوبي لاءِ ٿيل چاڪنگ وارو معاملو اٿاريو ۽ کيس چيو هو ته متحده جي اثر وارن علائقن ۾ مهاجر صوبي لاءِ ٿيل چاڪنگ ۽ بينر لڳائڻ واري ان عمل ۾ شهري حڪومت جا ملازم ملوث آهن، وڏي وزير گورنر کي ان عملي خلاف نوٽيس وٺڻ جو پڻ چيو، ٻئي طرف صوبائي وزير سسئي پليجو خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي چيو آهي ته سنڌ جي وحدت خلاف ٿيندڙ سازشن تي مون سميت سمورن سنڌين جو رت ٽهڪي رهيو آهي، اسان جي هوندي اهڙيون سازشون ڪامياب نه ٿينديون، هن چيو ته متحده وارن کي به پنهنجو مؤقف واضح ڪرڻ گهرجي.

سنڌ حڪومت طرفان رينجرز ۽ پوليس کي مهاجر صوبي لاء
ِ ڪيل وال چاڪنگ 24 ڪلاڪن اندر ڊاهڻ جو حڪم
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان لا اينڊ جسٽس ڪميشن ضلعي عدالتن ۾ ججز جي انگ ۾ اضافي جي سفارش ڪندي واضح ڪيو آهي  ته ضلعي سطح تي ججز جي انگ ۾ گهٽتائي سبب عوام کي انصاف جي فراهمي ۾ دير ٿيڻ سان گڏ ڏکيائيون درپيش آهن. چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري  جي سربراهي ۾ لا اينڊ جسٽس ڪميشن جي اجلاس ۾ سفارشون تيار ڪيون ويون آهن. ڪميشن جي اجلاس  ۾سفارش ڪئي وئي آهي ته ضلعي عدالتن ۾ ججز جي اضافي لاءِ وڌيڪ فنڊ فراهم ڪيا وڃن. تيار ڪيل سفارشن ۾ چيو ويو آهي ته سروسز ٽربيونل وٽ پنهنجي فيصلن تي عمل ڪرائڻ جو  اختيار نه هجڻ ڪري ملازمن کي هاءِ ڪورٽ ڏي وڃڻو پوي ٿو، جنهن سان انصاف جي فراهمي ۾ دير ۽ هڪ ڊگهو عمل شروع ٿيندو آهي.  اجلاس ۾ سفارش ڪئي وئي ته جوابدار کي فائدو رسائڻ لاءِ غلط ۽ ڪمزور جاچ ڪندڙ آفيسر  يا اهلڪار کي سزا ڏيڻ جو قانون جوڙيو  وڃي. جڏهن ته  عيسائين جي ذاتي ڪيسن کي سندن قانون تحت ٻڌو وڃڻ گهرجي ۽ ان لاءِ قانون ۾ ترميم ڪرڻ گهرجي. اجلاس ۾ اها به سفارش ڪئي وئي ته ٺاهه جي عيوض ڇوڪريءَ جو رشتو گهرڻ يا رشتو ڏيڻ ۽ اهڙي فيصلي لاءِ جرڳو يا پنچائت ڪندڙن کي عمر قيد جي سزا ڏني وڃي. ڪميشن سفارش ڪئي ته ويڪسينيشن قانون ۾ ترميم ڪرڻ سان گڏ معمولي تڪرارن جي حل لاءِ ٽياڪڙي جو متبادل نظام قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ ان لاءِ قانونسازي ڪئي وڃي. ڪميشن پاران انصاف تائين پهچڻ وارن فنڊن جي کاتن ۽ خرچن جي پڻ منظوري ڏني وئي. ڪميشن جي اجلاس ۾ حاملا قيدي عورتن کي ضمانت  تي آزاد ڪرڻ، جاچ عمل ۾ خرابي کي ختم ڪرڻ، سگريٽ ڇڪڻ واري قانون کي اثرائتو بڻائڻ، هاءِ ڪورٽ جي ضابطن ۾ تبديلي ۽ ٻين تجويزن تي پڻ غور ڪيو ويو. اجلاس کي خطاب ڪندي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري چيو ته شهرين کي انصاف جي فراهمي يقيني بڻائڻ لاءِ ججن جو انگ وڌائڻو پوندو. جڏهن ته اهو ڪم صرف عدليا جو ناهي، ان لاءِ رياست کي ذميواري نڀائڻي پوندي. هن چيو ته وقت ۽ حالتن تحت قانون ۾ ترميم ڪرڻي پوندي. هن چيو ته مضبوط عدالتي نظام ئي جمهوريت جي استحڪام جي ضمانت آهي. اميد آهي ته هاڻ معاملن کي صرف آئين ۽ قانون تحت ئي هلائي سگهجي ٿو. هن چيو ته ماضي ۾ آئين کان منهن موڙيو ويو ته عدليا سميت ٻيا ادارا به متاثر ٿيا. هن چيو ته هاڻ جج، وڪيل ۽ سول سوسائٽي آئين کانسواءِ ٻيو ڪجهه به قبول نه ڪندا. هن چيو ته قانون کي سادو ۽ سولو  بڻائڻو پوندو. چيف جسٽس وڌيڪ چيو ته جمهوريت آئين جي عطا ڪيل آهي، ان لاءِ آئين جي پاسداري ضروري آهي، عوام کي آئين کان سواءِ ڪجھه نه کپي، جسٽس ڪميشن تڪڙي انصاف جي فراهمي لاءِ آئين جي تجويز ڪري ٿي، عوام کي انصاف فراهم ڪرڻ لاءِ عدالتن ۾ ججن جو انگ وڌائڻ ضروري آهي، قانون ۾ ترميم لاءِ هيل تائين 120 رپورٽون موڪلي چڪا آهيون.  اجلاس ۾ شريعت ڪورٽ جي چيف جسٽس سميت سمورين هاءِ ڪورٽس جا چيف جسٽس، اٽارني جنرل ۽ قانون وارو وزير شريڪ ٿيا.

لا ڪميشن پاران جرڳو يا سڱ چٽي جو فيصلو ڏيندڙ کي عمر قيد 
۽ غلط جاچ ڪندڙ عملدار کي سزا ڏيڻ لاءِ قانونسازي جي سفارش
P.O Box: 7178
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي تحقيقاتي ايجنسي (ايف آءِ اي) دهشتگردي جي خاتمي واري خاص عدالت ۾ شهيد بينظير ڀٽو جي قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدار اڳوڻي صدر جنرل (ر) پرويز مشرف جا سڄي ملڪ جي بئنڪن ۾ اڪائونٽ منجمند ڪرڻ جي حوالي سان اسٽيٽ بئنڪ جو خط ٻيهر پيش ڪري ڇڏيو آهي، تفصيلي دليلن بعد خانگي بئنڪ طرفان مشرف فائونڊيشن جو اڪائونٽ بحال ڪرڻ جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪيو ويو آهي. ڪالهه دهشتگردي جي خاتمي واري خاص عدالت نمبر هڪ جي جج شاهد رفيق ايڇ بي ايل طرفان اڳوڻي صدر (ر) جنرل پرويز مشرف جو اڪائونٽ ٻيهر فعال ڪرڻ لاءِ داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻي شروع ڪئي، ايف آءِ اي جي سينيئر پراسيڪيوٽر چوڌري ذوالفقار ٻڌڻيءَ دوران اسٽيٽ بئنڪ طرفان 12 مارچ 2012ع تي ملڪ جي سمورين بئنڪن جي سربراهن کي لکيل خط جي ڪاپي ٻيهر عدالت کي فراهم ڪئي، خانگي بئنڪ جي وڪيل پنهنجي دليلن ۾ چيو ته اڳوڻي صدر جنرل (ر) پرويز مشرف جو سندن بئنڪ ۾ اڪائونٽ مشرف فائونڊيشن جي نالي سان آهي، جيڪو هڪ فلاحي اڪائونٽ آهي، تنهنڪري ان کي منجمند ڪرڻ واري فهرست مان خارج ڪيو وڃي. ايف آءِ اي جي وڪيل چوڌري ذوالفقار دليل ڏيندي چيو ته اڪائونٽ جڏهن کان کليو آهي، ان ۾ هن وقت تائين ساڍا 7 ڪروڙ رپيا پيل آهن، ملڪ ۾ زلزلي، ٻوڏ ۽ ٻيون قدرتي آفتون آيون پر ان اڪائونٽ مان هڪ پئسو به ڪنهن کي نه ڏنو ويو، اهو اڳوڻي صدر جو ذاتي اڪائونٽ آهي، ذوالفقار چوڌري عدالت کي ٻڌايو ته اسٽيٽ بئنڪ جي حڪم نامي مطابق ڪنهن به فلاحي اداري جو نالو اڪائونٽ هولڊر جي نالي تي نه هوندو. هن چيو ته بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ مشرف کي اشتهاري ڏوهاري قرار ڏنو ويو آهي، جيستائين هو عدالت آڏو پيش نه ٿيندو کيس ڪنهن به قسم جو رليف فراهم نه ڪيو وڃي، هن چيو ته ٽرائل ڪورٽ جي اختيار ۾ نه آهي ته اها پنهنجي ئي فيصلي تي نظرثاني ڪري، ڌرين جي وڪيلن جا دليل مڪمل ٿيڻ بعد عدالت فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو. 

پنڊي جي خاص عدالت بينظير ڀٽو قتل ڪيس 
۾ مشرف جي اثاثن بابت فيصلو محفوظ ڪري ورتو
ممبئي (اسپورٽس نيوز) انڊين پريميئر ليگ پرابلم ليگ بڻجي وئي،سٽي باز پاران سريلنڪن ڪرڪيٽر کي 10 ڪروڙ ڏيڻ جو اعتراف، ان ڏس ۾ بالي ووڊ اداڪار شاهه رخ خان طرفان گارڊ سان جهيڙو ڪرڻ ۽ آسٽريلوي ڪرڪيٽر طرفان عورت سان بدتميزي ڪرڻ بعد سٽي باز ڪرپشن جو ڀانڊو ڦاڙي ڇڏيو، هڪ ڀارتي اخبار پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته جواري سونو بوگندرا جالان عرف مالاد ممبئي ڪرائيم برانچ سامهون ڪرڪيٽر کي مئچ فڪس ڪرڻ لاءِ ڳري رقم ڏيڻ جو اعتراف ڪيو آهي، هوڏانهن ممبئي ڪرائيم برانچ سيل جي ترجمان چيو آهي ته ڪرڪيٽ ۾ جوا جي هڪ وڏي عالمي گينگ جو به حصو آهي،جيڪو مشهور رانديگرن تي شرط لڳائي ڪروڙين ڊالرن جي سٽيبازي ڪري رهيو آهي.

انڊين پريميئر ليگ پرابلم ليگ بڻجي وئي،سٽي باز پاران سريلنڪن ڪرڪيٽر کي 10 ڪروڙ ڏيڻ جو اعتراف
ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي خوبصورت اداڪاره پريانڪا چوپڙا گاني جي رڪارڊنگ ڪرائڻ بعد ممبئي پهتي، جڏهن ته ممبئي ايئرپورٽ تي پريانڪا چوپڙا جي اچڻ جو ٻڌي فوٽو گرافرن جي رش لڳي وئي، پريانڪا چوپڙا فلم ”تيري ميري ڪهاڻي“ لاءِ مختلف شهرن ۾ گانو شوٽ ڪرايو، جنهن بعد هوءَ ممبئي پهتي، جتي ميڊيا سان ڳالهائيندي پريانڪا چوپڙا چيو ته شاهد ڪپور سان منهنجي فلم ضرور ڪامياب ويندي.

پريانڪا چوپڙا گاني جي رڪارڊنگ ڪرائڻ بعد ممبئي پهتي