اڱارو 22 جنوری 2019ء
تازاترين خبرون

وضاحت ڏيڻ جي ضرورت ناهي، سڀ ڪم نيڪ نيتي سان ڪيا: ثاقب نثار

ويب ڊيسڪ
لاهور: اڳوڻي چيف جسٽس آف پاڪستان ميان ثاقب نثار چيو آهي ته مون کي پنهنجي ٽيم جي چئن ماڻهن تي فخر آهي، جن صحت جي شعبي ۾ سڌارن لاءِ منهنجي مدد ڪئي. لاهور ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي ميان ثاقب نثار چيو ته منهنجو ڀاءُ ساجد نثار، عامر زمان، ڊاڪٽر اياز ۽ امجد منهنجي شروعاتي ٽيم ۾ شامل هئا ۽ پوءِ منهنجو قافلو وڌندو ويو، پنجاب ينگ ڊاڪٽرز ايسوسئيشن جا ٿورا نٿو لاهي سگهان، انهن هر موقعي تي منهنجي مدد ڪئي. سندس چوڻ هو ته اسان صحت کاتي ۾ هر هنڌ ڪم ڪيو ۽ آخري وقت تائين ڪوشش ڪئي ته ان ۾ بهتري آندي وڃي، ڊاڪٽر مسيحا آهن ۽ انهن جي ڪري هڪ اسٽيٽ ويلفيئر اسٽيٽ هوندي آهي. هن چيو ته مان ڪنهن کي وضاحت ڏيڻ لاءِ ناهيان آيو، سڀ ڪم نيڪ نيتي سان ڪيا اٿم، جڊيشل ايڪٽيويزم جو مقصد ماڻهن کي جيئرو رهڻ جو حق ڏيڻ هو. اڳوڻي چيف جسٽس چيو ته ڪوئيٽا جي سڀ کان وڏي اسپتال ۾ عملو ۽ مشينري نه هئي، جڏهن مان اتي ويس ته هڪ هزار کان وڌيڪ ماڻهو هڙتال ڪري ويٺل هئا، منهنجي هڪ ڀيري چوڻ تي ئي انهن هڙتال ختم ڪري ڇڏي، اها هئي محبت. ميان ثاقب نثار چيو ته ملڪ سان محبت ڪيو، محبت جنون جي ڪيفيت پيدا ڪندي آهي، توهان جنهن ڪم لاءِ جنون پيدا ڪندا آهيو ته سسٽم ٺيڪ ٿي ويندو آهي.
اهم خبرون