سومر 19 نومبر 2018ء
تازاترين خبرون

اسلام آباد مان اغوا ٿيل پوليس آفيسر جي افغانستان ۾ قتل جا اطلاع

ويب ڊيسڪ
اسلام آباد: ڪجهه ڏينهن اڳ اسلام آباد مان اغوا ٿيندڙ خيبرپختونخواهه پوليس جو ايس پي طاهر خان داوڙ کي مبينا طور تي افغانستان ۾ قتل ڪيو ويو. خيبرپختونخواهه پوليس جو ايس پي طاهر خان داوڙ 27 آڪٽوبر تي اسلام آباد مان گم ٿيو هو. جڏهن ته هاڻ سوشل ميڊيا تي افغانستان جي صوبي ننگرهار مان ملندڙ هڪ لاش جي تصوير وائرل ٿي رهي آهي جنهن جي باري ۾ چيو پيو وڃي ته اهو لاش ايس پي طاهر خان داوڙ جو آهي. سرڪاري سطح تي طاهر خان داوڙ جي افغانستان ۾ قتل جي تصديق نه ڪئي وئي آهي جڏهن ته اتر وزيرستان مان چونڊيل قومي اسيمبلي ميمبر محسن داوڙ تصديق ڪئي آهي ته سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندڙ تصوير طاهر خان داوڙ جي ئي آهي. ٻئي طرف گهرو معاملن بابت مملڪتي وزير شهريار آفريدي جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته طاهر داوڙ جو معاملو حساس آهي، ان تي نه ٿو ڳالهائي سگهان. شهريار آفريدي وڌيڪ چيو ته جن جا پيارا گم آهن انهن جي معاملي کي سنجيدگي سان ورتو پيو وڃي، قومي سلامتي ۽ ڪنهن جي زندگي جي ڳالهه آهي، اوپن گورم تي نه ٿو ڳالهائي سگهان
وڏيڪ پرهو
اهم خبرون