ڇنڇر 22  سيپٽمبر 2018ع

تحريڪ انصاف جو سنڌ ۾ ڪمند جي آبادگارن کي جائز حق ڏيارڻ لاءِ ريلي ڪڍڻ جو اعلان

حيدرآباد(سوڀ نيوز) پاڪستان تحريڪ انصاف سنڌ جي سينيئر ايگزيڪيوٽو صدر حليم عادل شيخ اڄ حيدرآباد کان ڪراچي سي ايم هائوس تائين ڪسان انصاف ريلي ڪڍڻ جو اعلان ڪيو آهي، هن ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته تحريڪ انصاف سنڌ ۾ ڪمند جي آبادگارن کي جائز حق ڏيارڻ لاءِ اڄ حيدرآباد ۾ راجپوتانه اسپتال باءِ پاس کان ڪسان انصاف ريلي ڪڍي ويندي، جيڪا گاڏين وسيلي مارچ ڪندي ڪراچي ۾ سي ايم هائوس جي ٻاهران پهچندي، جتي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي آبادگارن سان ڪيل واعدن جو ياداشت نامو پيش ڪيو ويندو،