آچر 18 نومبر 2018ء

اسلام ڪوٽ واسي ماوجي ڪولهي پاران سندس گهر ۽ زمين تي مبينا قبضو ڪندڙ بااثر ماڻهن خلاف احتجاج

حيدرآباد(سوڀ نيوز) اسلام ڪوٽ واسي ماوجي ڪولهي پاران سندس گهر ۽ زمين تي مبينا قبضو ڪندڙ بااثر ماڻهن خلاف ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاج ڪيو ويو، هن الزام هنيو ته تر جي بااثر ماڻهن سندس زرعي زمين تي قبضو ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته سندس گهر تي پڻ حملو ڪيو ويو، هن چيو ته اهڙي شڪايت حد جي پوليس کي ڪئي آهي پر ڪوبه تدارڪ نٿو ڪيو وڃي، هن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي کيس انصاف فراهم ڪيو وڃي.