اربع 21 نومبر 2018ء

حيدرآباد جي سماجي ورڪرن پاران شهر ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاج

حيدرآباد(سوڀ نيوز) حيدرآباد جي سماجي ورڪرن پاران شهر ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ خلاف ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن محبوب ابڙو، سيد حسنين شاهه، شهباز رند ۽ ٻين چيو ته واسا اختيارين جي نااهلي سبب شهر ۾ پيئڻ جي پاڻي جو شديد بحران پيدا ٿي ويو آهي، اڪثر علائقن ۾ پاڻي جي فراهمي بند ٿيڻ سان عوام عذاب ۾ مبتلا ٿي ويو آهي، هنن چيو ته پاڻي جي بحران ۾ ٽينڪر مافيا کي سرگرم ڪيو ويو آهي، جيڪا عوام کي ٻنهي هٿن سان لٽي رهي آهي، هنن چيو ته غريب ماڻهو پاڻي جي حاصلات لاءِ دربدر آهن، انهن کي پاڻي فراهم ڪرڻ لاءِ ڪنهن به قدم ناهن کنيا، هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي حيدرآباد شهر ۾ پاڻي جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي.