خمیس 18 آڪٽومبرر 2018ع

ٿائيلينڊ ۾ ٿلهي عورتن جي حسن جو دلچسپ مقابلو، اڍائي مڻ وزني حسينا مقابلو کٽي ورتو

بنڪاڪ: ٿائيلينڊ ۾ ٿلهي عورتن جي حسن جو مقابلو منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ اڍائي مڻ وزني حسينا ڪاميابي جو تاج پنهنجي مٿي تي سجايو. ٿائيلينڊ ۾ ٿيندڙ ان مقابلي ۾ شرڪت لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 2 مڻ وزن جي شرط رکي وئي هئي، ۽ مقابلي ۾ 100 کان وڌيڪ ٿلهي عورتن حصو ورتو.