جمعو 14 ڊسمبر 2018ء

فلمن ۾ عرياني ۽ فحاشي خلاف آهيان: معروف اداڪاره صائمه

ويب ڊيسڪ: لاهور: لالي ووڊ فلم انڊسٽري جي معروف اداڪاره صائمه چيو آهي ته فلمن ۾ عرياني ۽ فحاشي خلاف آهيان، هڪ ملاقات دوران صائمه چيو ته پنهنجي پوري فلمي ڪيريئر دوران مون اخلاقيات جو دامن ناهي ڇڏيو. صائمه چيو ته فلم سينسر بورڊ ۽ وزارت ثقافت کي چاهي ته اها ائين سمورن فلمسازن، هدايتڪارن ۽ اداڪارن جو احتساب ڪري، جيڪا فلمن ۾ عرياني ۽ فحاشي جي ذميوار آهي. هن چيو ته انهن سڀني سان گڏوگڏ فلم رائيٽرز، شاعرن ۽ گلوڪارن جو به گهيرو ٿيڻ گهرجي، جيڪو هڪ ئي طرح جون فلمون لکي رهيو آهي ۽ بيهوده گيتن کي لکي رهيو آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ صائمه ٻڌايو ته مان بحيثيت فلمساز پنهنجي فلم ”مجاجن“ تي فخر ڪري سگهان ٿي. ڇو ته ان فلم ۾ اسان فنڪارن جي پرفارمنس، ميوزڪ، ڊائريڪشن ۽ سٺي ڪهاڻي تي انحصار ڪيو آهي. هن چيو ته شوقينن کي گهرجي ته اهي صاف سٿريون فلمون ٺاهيندڙن جي حوصلا افزائي ڪن.