جمعو 14 ڊسمبر 2018ء

ايشين هاڪي فيڊريشن 6 ملڪي هاڪي ٽورنامينٽ پاڪستان ۾ انعقاد لاءِ اين او سي جاري ڪري ڇڏيو

ويب ڊيسڪ: اسلام آباد: ايشين هاڪي فيڊريشن 6 ملڪي هاڪي ٽورنامينٽ ۾ پاڪستان ۾ انعقاد لاءِ اين او سي جاري ڪري ڇڏيو. ايشين هاڪي فيڊريشن مطابق پاڪستان هاڪي فيڊريشن اي ايڇ ايف کي تحريري طور تي آگاهه ڪيو ته موجوده حڪومت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪاوشن سان پاڪستان ۾ امن و امان جي صورتحال ۾ نمايان بهتري آئي آهي ۽ ملڪ ۾ پاڪستان سپر ليگ، اسڪوائش ۽ ٻين انٽرنيشنل راندين جي مقابلن جو انعقاد ممڪن ٿي چڪو آهي. جيتوڻيڪ ايشين هاڪي فيڊريشن سان لاڳاپيل هاڪي فيڊريشن کي پاڪستان ۾ انٽرنيشنل هاڪي جا ميچ کيڏڻ جي اجازت ۽ اين او سي جاري ڪئي وڃي ته ميگا ايونٽ جي انعقاد کي يقيني بڻائي سگهجي. ايشين هاڪي فيڊريشن جي ايونٽ ڊائريڪٽر پاڪستان هاڪي فيڊريشن کي چيو ته 6 ملڪي انٽرنيشنل هاڪي ايونٽ لاءِ ڀرپور انداز ۾ آرگنائز ڪرڻ لاءِ اين او سي جاري ڪري ڇڏيو آهي ۽ چيو ته انٽرنيشنل ايونٽ جي پاڪستان ۾ ڪامياب انعقاد لاءِ هر ممڪن تعاون کي يقين بڻايو ويندو. ريفري ۽ ٽيڪنيڪل سپورٽ به فراهم ڪئي ويندي. افغانستان، سريلنڪا،، قازقستان، اومان، ترڪي جي هاڪي فيڊريشن پاڪستان ۾ منعقد ٿيندڙ ايونٽ ۾ شرڪت لاءِ آمادگي جو اظهار ڪري ڇڏيو آهي.