آچر 19  آگسٽ 2018ع

برازيلين فٽبالر ڊگهي ڪڪ هڻي عالمي ريڪارڊ ٺاهي ورتو

ويب ڊيسڪ: مانچيسٽر: برازيلين فٽبالر ڊگهي ڪڪ هڻي عالمي ريڪارڊ ٺاهي ورتو. ميڊيا رپورٽن مطابق مانچسٽر سٽي مان کيڏندڙ 24 سالن جي برازيلين رانديگر ايڊرسن سنيتاموريس گرائونڊ ۾ پريڪٽس ڪندي ايتري ته ڊگهي ڪڪ هنئي جو پويان سمورا ريڪارڊ ٽوڙي ورتا. ايڊرسن جي لڳايل ڪڪ جي نتيجي ۾ فٽبال 75 ڏهائي 3 ميٽر پري وڃي ڪري. ڪڪ جي رفتار ۽ فاسٽ جي ريڪارڊ مطابق اها هن وقت تائين سڀ کان تيز رفتار ۽ ڊگهي ڪڪ آهي، جڏهن ته ان کان پهريان ڊگهي ڪڪ صرف 75 ميٽر هئي. موقعي تي موجود گنيز ورلڊ ريڪارڊ جي نمائندي ايڊرسن ان جي ريڪارڊ جي تصديق ڪئي.