اڱارو 22 مئي 2018ع

آمريڪا طرفان جوهري معاهدي تان دستبرداري اخلاقيات جي خلاف ورزي آهي: ايراني صدر حسن روحاني

ويب ڊيسڪ: تهران: ايراني صدر حسن روحاني هڪ ڀيرو ٻيهر چيو آهي ته جيڪڏهن ايران جا مفاد متاثر نه ٿيا ته ايراني حڪومت عالمي جوهري معاهدي جي ڪاربند رهندي. جرمن نشرياتي اداري مطابق گذريل ڏينهن هن تهران م سريلنڪا جي وزيراعظم سان ملاقات بعد صحافين کي چيو ته آمريڪا طرفان ان معاهدي تان دستبرداري اخلاقيات جي خلاف ورزي جي برابر آهي. صدر روحاني چيو ته 2015ع ۾ طئي ٿيل ان معاهدي جون ٻيون ڌريون ان تاريخي معاهدي جو احترام ڪنديون آهن ته ايران به ان تي عمل پيرا رهندو. جڏهن ته هن چيو ته ان حوال سان يورپي ملڪن کي ٺوس ضمانت فراهم ڪرڻي پوندي.