اڱارو 22 مئي 2018ع

ڪئنيڊا ۾ مقرر پاڪستاني هاءِ ڪمشنر قائداعظم محمد علي جناح جي نالي سان منسوب پارڪ جو افتتاح ڪري ڇڏيو

ويب ڊيسڪ: ٽورنٽو: ڪئنيڊا ۾ مقرر پاڪستاني هاءِ ڪمشنر قائداعظم محمد علي جناح جي نالي سان منسوب پارڪ جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي. ڪئناڊا ۾ قائداعظم محمد علي جناح پارڪ جي افتتاحي تقريب ۾ سڄي ڪئناڊا مان ڪيترن ئي ماڻهن شرڪت ڪئي. ترقريب کي خطا ۾ پاڪستاني هاءِ ڪمشنر طارق عظيم خان چيو ته ان جو ڪريڊٽ ميني ٽوبا ۾ پاڪستاني ڄائي ڪئنيڊين متحرڪ ڪميونٽي ڏانهن وڃي ٿو، جيڪو اتر آمريڪا ۾ پهريون پارڪ کي قائداعظم جي نالي سان منصوب ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهي. طارق عظيم خان چيو ته اهو اسان لاءِ برصغير جي مسلمانن لاءِ الڳ ملڪ حاصل ڪرڻ لاءِ اسان جي بانين جي قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو لمحو آهي. هاءِ ڪمشنر چيو ته وني پيڪ جي برادري پاڪستاني ثقافت جي فروغ ۽ مثبت تصور کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ثقافتي ميلن جو انعقاد ڪندي رهندي آهي ۽ ها ٻنهي ڪميونٽيز وچ ۾ مفاهمت جي فروغ لاءِ پل جو ڪم ڪندو آهي. تقريب کي ڪئناڊا جي پارليامان ميمبرن ٽيري ڊوگائڊ ۽ اقرا خالد به خطاب ڪيو ۽ پارڪ کي باباءِ قوم جي نالي سان منسوب ڪرڻ تي شرڪت ڪندڙن ۽ پاڪستاني ڪميونٽي کي مبارڪباد ڏني.