اڱارو 22 مئي 2018ع

ڌارين جا شناختي ڪارڊ ٺاهڻ خلاف سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي بُک هڙتال جاري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڌارين جا شناختي ڪارڊ ٺاهڻ خلاف سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي بُک هڙتال جاري، نادرا چيئرمين مٿان ذاتي دلچسپي تحت بنگالين، برمين ۽ افغانين جا ڪارڊ ٺاهڻ جو الزام، 14 کان مٿي جماعتن تي ٻڌل سنڌ ايڪشن ڪميٽي طرفان اڄ ڪراچي پريس ڪلب کان گورنر هائوس ريلي ڪڍي ويندي. اڳواڻن چيو آهي ته گورنر سنڌ کي ياداشت نامو پيش ڪنداسين. سنڌ سرڪار سي سي آءِ ۾ معاملو اٿاري، ڌارين کي ڌار رجسٽرڊ ڪيو وڃي، سنڌ جي وحدانيت تي وار برداشت نه ڪيو ويندو.