اڱارو 22 مئي 2018ع

ڊي سي، اي سي، مختيارڪار قاسم آباد پارڪ ۽ مسجد جي پلاٽ تان قبضو ختم ڪرائي ڇڏيو، پلاٽن تي بورڊ لڳائڻ جو حڪم

حيدرآباد(بيورو رپورٽ) قاسم آباد ۾ پارڪ ۽ مسجد جي پلاٽ تان قبضو ختم ڪرائڻ لاءِ ڊي سي، اي سي ۽ ٻيو عملو پهچي ويو، ڊي سي انيس دستي رهائشي ڪالوني جي پارڪ ۽ مسجد جي پلاٽن جو ماتحت عملدارن کي تحفظ ڪرڻ ۽ پلاٽن تي بورڊ لڳائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. تفصيل موجب قاسم آباد فيز 2 الشهباز ڪالوني جي پبلڪ پارڪ ۽ مسجد جي پلاٽ تي قبضي جون عوام طرفان شڪايتون ملڻ کانپوءِ ڪالهه ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد انيس احمد دستي، اسسٽنٽ ڪمشنر قاسم آباد فدا حسين شورو، مختيارڪار قاسم آباد ۽ ٻيا عملدار پهتا، جن سرڪاري پلاٽن جو جائزو ورتو، ان موقعي تي ڊي سي انيس احمد دستي ماتحت عملدارن کي هدايت ڪئي ته پبلڪ پارڪ ۽ مسجد جي پلاٽن جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي ۽ سرڪارن پلاٽن تي بورڊ لڳايا وڃن، هن شهرين کي پڻ خاطري ڪرائي ته پارڪ ۽ مسجد جي پلاٽ تي هاڻي ڪو به قبضو نه ڪندو، جيڪڏهن ڪنهن به ڪوشش ڪئي ته قانون ان خلاف حرڪت ۾ ايندو.