آچر 19  آگسٽ 2018ع

نواز شريف تي ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ داخل درخواست ٻڌڻ جوڳي قرار

ويب ڊيسڪ: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ نواز شريف خلاف ڪيس داخل متعلق درخواست ٻڌڻي جوڳي قرار ڏئي ڇڏي آهي، هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عامر فاروق دليل ٻڌڻ کان پوءِ نواز شريف خلاف داخل درخواست ٻڌڻ جوڳي قرار ڏيڻ يا نه ڏيڻ متعلق فيصلو محفوظ ڪيو هو. جسٽس عامر فاروق محفوظ ڪيل فيصلي پڙهي ٻڌايو ۽ درخواست کي ٻڌڻ جوڳي قرار ڏيندي ڊي جي ايف آئي، چيئرمين پيمرا ۽ چيئرمين پي ٽي اي کان جواب طلب ڪري ورتو.