خمیس 18 آڪٽومبرر 2018ع

آپريشن ردالفساد تحت مختلف علائقن ۾ فورسز جون ڪارروايون، 3 دهشتگرد گرفتار

ويب ڊيسڪ: راولپنڊي: سيڪيورٽي فورسز مختلف علائقن ۾ ڪارروايون ڪندي 3 دهشتگردن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جڏهن ته وڏي انگ ۾ هٿيار پڻ هٿ ڪيا ويا آهن. آءِ ايس پي آر موجب آپريشن ردالفساد ڪاميابين سان جاري آهي. ان ڏس ۾ سيڪيورٽي بلوچستان جي علائقي ڊيرا مراد جمالي، اوچ، ٽوبا نوخاني، سنج سيلا ۽ سبدر ۾ ڪارروايون ڪيون ويون، جنهن دوران وڏي انگ ۾ ڌماڪيدار مادو ۽ بارودي مواد هٿ ڪيو ويو، ان سان گڏوگڏ مختلف هٿيار ۽ مواصلاتي آواز پڻ تحويل ۾ ورتا ويا. هوڏانهن پنجاب جي علائقي ڊيرا غازي خان ۾ پنجاب رينجرز ڪارروائي ڪئي، جنهن دوران ٽن دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته گرفتار ٿيل دهشتگردن جي قبضي مان پڻ هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن.