خمیس 18 آڪٽومبرر 2018ع

ڏکڻ پنجاب ۽ نئون صوبو

سليم صافي
شايد ان راءِ سان ڪو اختلاف نه ڪندو ته پاڪستان ۾ انتظامي بنيادن تي پنجاب ۾ صوبو هجڻ گهرجي. ان ۾ به ٻه رايا نه ٿا ٿي سگهن ته پنجاب جي آبادي جي سائيز جي ڪري پاڪستان جي فيڊريشن عدم توازن جو شڪار آهي ۽ ان ۾ توازن آڻڻ لاءِ ان کي ورهائڻ عقل جي تقاضا آهي. ان حقيقت کان به انڪار ممڪن ناهي ته ڏکڻ پنجاب ۽ بهاولپور جون محروميون وڌي ويون آهن، جڏهن ته وچ پنجاب تي ڌيان ڏيندڙ ميان نواز شريف جي دور ۾ ته هتان جي انهن علائقن ۾ تفاوت آخري حدن کي ڇهي ٿو. اهو ئي ڪارڻ آهي ته اُتان جو محروم عوام وڏي عرصي کان ڏکڻ پنجاب ۽ بهاولپور جي صوبن جو مطالبو ڪندو اچي پيو. انڪري ان جي نالي تي ڪڏهن هڪ جماعت ۽ ڪڏهن ٻي جماعت سياست چمڪائيندي رهي ٿي پر اهو نعرو ڪڏهن نعري کان اڳتي نه وڌي سگهيو. ڏکڻ پنجاب جي محرومين جي ذميوار مسلم ليگ ن به آهي ته مرحوم فاروق لغاري ۽ اُتان کان چونڊيل وزيراعظم به آهن ۽ پاڪستان جا اصل اقتدار ڌڻي ۽ مالڪ به پر هتان جي عوام سان سڀ کان وڌيڪ ظلم جا ڏوهاري هتان جي محرومين ۽ الڳ صوبي جي نالي تي وقت بوقت پنهنجي لاءِ سياسي پناهه گاهون ڳوليندڙ ڏکڻ پنجاب جا اليڪٽيبلز هوندا آهن ۽ ٿي رهيا آهن. هي ٽولو بنيادي طور تي ڏکڻ پنجاب جي غريب هارين جو رت چوسي پنهنجي جبر ۽ طاقت جا قلعا تعمير ڪرائيندڙ شوگر مافيا ۽ وڏن وڏن جاگيردارن تي ٻڌل آهي، جيڪو ضرورت جي وقت بهاولپور ۽ ڏکڻ پنجاب جي ڪارڊ کي استعمال ڪري پنهنجي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن ۾ جاءِ ڳولي وٺي ٿو ۽ سيٽ يا اقتدار ملندي ئي وري سڀ ڪجهه وساري ڇڏي ٿو. هن ڀيري اهو ڊرامو خسرو بختيار صاحب جي قيادت ۾ مسلم ليگ نواز ۽ ٻيون پارٽيون ڇڏيندڙ ڪجهه قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن ڪيو آهي. توڻي جو خسرو بختيار صاحب ۽ ان جو خاندان ڪنهن زماني کان اُتان جي عوام کي بي وقوف بنائڻ لاءِ بهاولپور صوبي جي بحالي وارو ڪارڊ به کيڏي چڪو آهي. وري هُو جنرل مشرف جي دور ۾ به وزارت تائين پهتو ۽ هاڻي پوڻا پنج سال ميان نواز شريف سان گڏ هو. ان سڄي عرصي ۾ هن ڪڏهن به ڏکڻ پنجاب يا بهاولپور صوبي لاءِ آواز نه اٿاريو. هُو ۽ سندس ساٿي ان سموري عرصي ۾ نواز شريف جي اقتدار ۾ وڌ کان وڌ حصو وٺڻ جي چڪر ۾ لڳل رهيو پر هاڻي جڏهن چونڊن جو وقت آيو ته مسلم ليگ ن سان بيوفائي ڪري اُنهن پي ٽي آءِ ۾ وڃڻ ضروري سمجهيو. پر سڌو رستو استعمال ڪرڻ بدران اُنهن بهاولپور ۽ ڏکڻ پنجاب جو ڪيس خراب ڪيو. ڪيس ائين خراب ڪيو ته هن وقت جيڪو ماڻهو ٻن بدران هڪ نئين صوبي (ڀلي اُهو بهاولپور هجي يا ڏکڻ پنجاب) جي ڳالهه ڪري ٿو اُهو ان جائز مقصد سان بدديانتي جو ڏوهه ڪري رهيو آهي. ڪارڻ ان جو هي آهي ته نئين صوبي جي قيام لاءِ ڏکڻ پنجاب جي ماڻهن جو مڪمل اتفاق ضروري آهي جيڪو صرف ان صورت ۾ ممڪن آهي ته بهاولپور کي پنهنجو صوبو ڏنو وڃي ۽ ڏکڻ پنجاب وارن کي پنهنجو. هن وقت ته بهاولپور کي به ڏکڻ پنجاب جو حصو سمجهيو وڃي ٿو پر اُتان جي ماڻهن جي اڪثريت قطعي ان تجويز جي حمايت نه ڪندي جنهن ۾ انهن جي صوبي بهاولپور جو مطالبو به شامل نه هجي. ائين ڏکڻ پنجاب ۾ جڏهن اختلاف هوندو ته وچ پنجاب وارن کي دليل ملي سگهي ٿو ته جيڪو ڪجهه اوهان چاهيو ٿا ان تي خود ڏکڻ پنجاب متفق ناهي. اهڙي طرح اخلاقي طور تي به اها ڳالهه ضروري آهي ته ملتان وارا جيڪو حق پنهنجي لاءِ لاهور کان کسڻ چاهين ٿا، اُهي اِهو حق بهاولپور کي ڇو نه ٿا ڏيڻ چاهين پر اسان جهڙن سياست جي شاگردن ۽ جمهوريت تي يقين رکندڙن جي سڀ کان وڏي ڪمزوري اها آهي ته 2012ع ۾ پنجاب جي اسيمبلي متفقه طور تي بهاولپور ۽ ڏکڻ پنجاب جي صوبن لاءِ الڳ الڳ قراردادون پاس ڪري چڪي آهي ۽ جيسيتائين ان مٿان نئين قرارداد نه ٿي اچي، تيسيتائين ان کي ئي پنجاب (ڏکڻ پنجاب ۽ بهاولپور سميت) جي عوام جي راءِ جو آئينو سمجهيو ويندو. مون اڳ ۾ پختونخواهه صوبي لاءِ ان نالي جي حمايت ان بنياد تي نه ڪئي هئي ته مان پختون آهيان پر منهنجو دليل اهو هو ته صوبائي اسيمبلي پختونخواهه نالو رکڻ جي حق ۾ قرارداد پاس ڪري چڪي آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي ته جڏهن ان سان گڏ خيبر جو لفظ لڳايو ويو (توڻي جو خيبر قبائلي علائقي ۾ آهي) ته مون قبائلي ٿي ڪري به ان جي مخالفت ڪئي ڇاڪاڻ ته منهنجو دليل اهو هو ته صوبي جي اسيمبلي صرف پختونخواهه جي لفظ جي حق ۾ قرارداد پاس ڪئي آهي. اهڙي طرح آئيني لحاط کان نئين صوبي جي قيام لاءِ لاڳاپيل صوبائي اسيمبلي ۽ وري سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جي ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت جو ووٽ ضروري آهي. ظاهر آهي ته اهو مقصد ٽنهي وڏين پارٽين جي حمايت بنا نه ٿو ٿي سگهي. هاڻي اهي ئي ماڻهو ان مقصد سان مخلص تصور هوندا ته جيڪي ٻن صوبن جي مقصد کي کڻي ٽنهي وڏين جماعتن جي حمايت جي حاصلات جي ڪوشش ڪندا پر هاڻي جڏهن ته ڏکڻ پنجاب جي نام نهاد علمبردار سرائيڪي اجرڪن سان بني گالا پهچي ويا ته پوءِ مسلم ليگ نواز ۽ ٻين جماعتن کي ڪهڙو لاچار پيو آهي ته انهن جي حمايت ڪن. انهن ماڻهن کي جيڪڏهن اُوڏانهن وڃڻو ئي هو ته ڏکڻ پنجاب جي مقصد کي ڇو خراب ڪرڻ ضروري سمجهين. سڀ کان اهم سوال هي آهي ته نئين ڳالهه ۽ نئين انداز ۾ مطالبو ڪرڻ بدران ڏکڻ پنجاب صوبه محاذ ڳالهه اتان کان اڳتي ڇو نه وڌائي جيسيتائين اڳ پهچي چڪي آهي. جيڪڏهن ڏکڻ پنجاب جو مظلوم عوام نه ٿو ڄاڻي ته گهٽ ۾ گهٽ خسرو بختيار جهڙو پڙهيل لکيل ۽ تجربيڪار سياستدان ته چڱي ريت ڄاڻي ٿو ته پاڪستان جي آئين ۾ نئين صوبي ٺاهڻ جو طريقي ڪار ڇا آهي. طريقي ڪار هيئن آهي ته لاڳاپيل سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي ۾ ترميم لاءِ ٻه ڀاڳي ٽي اڪثريت جڏهن ته لاڳاپيل صوبي ۾ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت جي حمايت ضروري آهي. جيڪڏهن لاڳاپيل صوبي جي اسيمبلي حمايت نه ڪري ته سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي مان ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان ترميم باوجود نئون صوبو نه ٿو ٺهي سگهي. هاڻي 2012ع ۾ پنجاب اسيمبلي بهاول پور ۽ ڏکڻ پنجاب جي صوبن جي حق ۾ متفقه قرارداد منظور ڪري چڪي آهي ۽ ان جي بنياد تي ان وقت جي صدر آصف علي زرداري 30 مئي 2012ع تي ڪميشن به قائم ڪئي. مطلب ته هڪڙو مرحلو طئي ٿي چڪو آهي ۽ هاڻي ڏکڻ پنجاب سان مخلصي اها هوندي ته نئون پنڊورا باڪس کولڻ بدران معاملي کي اُتان کان اڳتي وڌائڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي پر هاڻي ڏکڻ پنجاب صوبه محاذ جو ڊرامو ڪندڙن بهاول پور بدران صرف هڪ صوبي جو مطالبو ڪري ڇڏيو. هاڻي اهو ڪيئن ممڪن آهي ته هڪ صوبي جي مطالبي تي ٻيهر پنجاب اسيمبلي مان متفقه قرارداد پاس ڪرائي وڃي ۽ جيسيتائين ائين نه ٿو ٿئي تيسيتائين آئيني لحاط کان پراسيس ئي شروع نه ٿو ٿي سگهي. جيڪڏهن پي ٽي آءِ کي مرڪز ۾ حڪومت ملي به وئي ته پنجاب ۾ ان کي ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت ملڻ ته ناممڪن آهي. پوءِ صوبو ڇو ۽ ڪيئن ٺهندو؟ ان مان واضح ٿئي ٿو ته ڏکڻ پنجاب جي صوبي جو مطالبو صرف بهانو ۽ اصل مقصد ڪجهه ٻيو هو. جيڪي ماڻهو ٻن بدران هڪ صوبي تي زور ڏئي رهيا آهن اُهي هڪ گهڙيءَ لاءِ ترسي پنجاب اسيمبلي جي متفقه قراردادن جو متن پڙهي وٺن، جيڪو مسلم ليگ نواز جي رانا ثناءُ الله پيش ڪيو هو. پهرين قرارداد بهاولپور صوبي سان لاڳاپيل آهي جنهن جا لفظ هي آهن؛ قرارداد نمبر 160؛ صوبائي اسيمبلي پنجاب جي هن ايوان جي راءِ آهي ته بهاول پور جو عوام جيڪو هڪ ڊگهي عرصي کان بهاول پور صوبي جي بحالي واري جدوجهد ڪري رهيو آهي، اهو مطالبو نئون صوبو ٺاهڻ جو ناهي پر اڳوڻي صوبي جي بحالي ڪرڻ جو آهي جنهن جو بنياد انتظامي، جاگرافيائي، تاريخي، آئيني ۽ سياسي حقيقتن تي ٻڌل آهي. انهن حقيقتن جي بنياد تي هن ايوان جي راءِ آهي ته اڳوڻي صوبي بهاول پور کي بنا دير بحال ٿيڻ گهرجي ۽ وفاقي حڪومت کان اهو مطالبو به ڪجي ٿو ته تمام جلد هڪ قومي ڪميشن ٺاهي وڃي جيڪا نئين صوبي بابت سڀني اهم معاملن تي تڪڙو فيصلو ڏئي ۽ نئين صوبي جي جوڙجڪ جي عمل کي جلد مڪمل ڪري. ڏکڻ پنجاب صوبي سان لاڳاپيل قرارداد نمبر 161 جو متن هي آهي؛ صوبائي اسيمبلي پنجاب جو هي نمائنده ايوان، وفاقي حڪومت کان ڏکڻ پنجاب صوبي جي جوڙجڪ جو مطالبو ڪري ٿو ۽ ان نئين صوبي جي جوڙجڪ کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ وفاقي حڪومت کان اهو به مطالبو ڪري ٿو ته تمام جلد هڪ قومي ڪميشن ٺاهي وڃي جيڪا نئين صوبي بابت سڀني اهم معاملن تي تڪڙو فيصلو ڪري ۽ نئين صوبي جي جوڙجڪ جي عمل کي جلد مڪمل ڪري.