اڱارو 22 مئي 2018ع

غزه ۾ اسرائيلي فوج جي فائرنگ سان شهيد ٿيندڙ فلسطينين جي تعداد 58 ٿي وئي

ويب ڊيسڪ: غزا: آمريڪي سفارتخاني کي بيت المقدس منتقلي تي غزا ۾ احتجاج دوران اسرائيلي فوج جي سڌي سنئين فائرنگ جي نتيجي ۾ شهيد ٿيندڙن جي تعداد 58 ٿي وئي آهي، شهيد ٿيندڙن ۾ 16 معصوم ٻار شامل آهن، جڏهن ته 2700 ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن.