آچر 19  آگسٽ 2018ع

سعودي عرب ۽ ٻين ملڪن ۾ رمضان المبارڪ جو چنڊ نظر نه آيو

ويب ڊيسڪ: رياض: سعودي عرب ۾ 29 شعبان تي رمضان المبارڪ جو چنڊ ڏسڻ ۾ نه آيو، جڏهن ته چنڊ نظر اچڻ جي ڪا به شهادت موصول نه ٿي آهي. عرب ٽي وي مطابق سعودي عرب ۾ رمضان المبارڪ جو چنڊ نظر نه آيو آهي، جنهن کان پوءِ پهريون روز جمعرات 17 مئي تي ٿيندو.