خمیس 18 آڪٽومبرر 2018ع

اصغر خان ڪيس: اڳوڻي جنرل (ر) چيف اسلم بيگ ۽ اسد دراني جاچ ڪميٽي آڏو پيش

ويب ڊيسڪ: اصغر خان ڪيس ۾ ايف آئي اي جي جاچ ڪميٽي طرفان طلب ڪرڻ تي اڳوڻو جنرل (ر) مرزا اسلم بيگ ۽ ليفٽيننٽ جنرل (ر) اسد دراني ڪميٽي آڏو پيش ٿيا، سپريم ڪورٽ گذريل هفتي پنهنجي فيصلي ۾ حڪومت کي اصغر خان ڪيس تي عملدرآمد ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو ۽ چيو هو ته وفاقي حڪومت ايف آئي اي ڪيس جي فيصلي جي روشني ۾ قانون مطابق ڪارروائي ڪري.