خمیس 18 آڪٽومبرر 2018ع

سعودي عرب جي ڪابينا آمريڪا طرفان پنهنجو سفارتخانو والاريل بيت المقدس منتقل ڪرڻ واري قدم کي رد ڪري ڇڏيو

ويب ڊيسڪ: رياض: سعودي عرب جي ڪابينا پنهنجي خصوصي اجلاس ۾ آمريڪا طرفان تل ابيب مان پنهنجو سفارتخانو والاريل بيت المقدس منتقل ڪرڻ واري قدم کي رد ڪري ڇڏيو. گذريل ڏينهن سعودي ڪابينا طرفان جاري ڪيل بيان ۾ يو ويو ته آمريڪا طرفان پنهنجو سفارتخانو بيت المقدس منتقل ڪرڻ فلسطيني قوم جي پراڻن حقن کان انحراف ۽ عالمي قرارددن جي کليل خلاف ورزي آهي. سعودي حڪومت پهريان ئي اهڙن قدمن جي خطرناڪ نتيجن تي خبردر ڪري چڪا آهي. سفارتخاني جي بيت المقدس منتقل بنا جواز ۽ سڄي دنيا جي مسلمانن جي مذهبي جذبن کي نقصان پهچائڻ جو سبب بڻي آهي. بيان ۾ غزه پٽي ۾ اسرائيلي فوج هٿان هٿين خالي فلسطيني مظاهرين جي قتل عام جي به شديد مذمت ڪئي وئي.