خمیس 18 آڪٽومبرر 2018ع

اسرائيلي سرحد تي مظاهرا غزه جي ناڪابندي جي خاتمي تائين جاري رهندا: بام النعيم

ويب ڊيسڪ: غزه: حماس جي صحت واري وزير بام النعيم غزه جو چئن طرفان کان گهيريو فوري ۽ غير مشروط طور ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته اسرائيلي سرحد تي مظاهرا غزه جي ناڪابندي جي خاتمي تائين جاري رهندا. گذريل ڏينهن هڪ ٽي وي چينل کي انٽرويو ڏيندي حماس جي صحت واري وزير باسم نعيم چيو ته اسرائيلي حملن ۾ 2 فلسطيني شهيد ۽ 400 کان وڌيڪ زخمي ٿيا، هزارين فلسطيني اڃا به اسرائيلي سرحد تي جمع آهن، جڏهن ته 60 شديد زخمين کي مصر سرحد کان داخل نه پيو ڏئي. اسرائيل 12 صحافين کي به ڄاڻي واڻي نشانو بڻايو. واضح رهي ته اسرائيلي فورسز طرفان فلسطينين تي ظلمن جو سلسلو جاري آهي ۽ گذريل ٻن ڏينهن دوران فائرنگ ۾ 60 کان وڌيڪ شهيد ۽ 2400 کانوڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن.