سومر 19 نومبر 2018ء

نيب آمريڪا ۾ نامزد سفير علي جهانگير صديقي جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) نيب آمريڪا ۾ نامزد سفير علي جهانگير صديقي جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي وئي آهي، عدالت علي جهانگير صديقي کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيوآهي، عدالت علي جهانگير صديقي جي درخواست تي ٻڌڻي 5 جون بدران 31 مئي تي مقرر ڪري ڇڏي آهي. عدالت نيب جي درخواست منظور ڪندي رمارڪس ۾ چيو ته نيب کي وڌيڪ مواد جمع ڪرائڻو آهي ته ايندڙ ٻڌڻي کان اڳ جمع ڪرائي. عدالت علي جهانگير صديقي بابت سيڪيورٽي ايڪسچينج ڪميشن، نيب ۽ ٻين کان تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. نئب درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته علي جهانگير صديقي جو ملڪ مان فرار ٿيڻ جو خدشو آهي، ان ڪري سندس نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪيو وڃي.