اربع 21 نومبر 2018ء

حيدرآباد پوليس 6 ڏينهن اڳ سِسي ڌڙ کان ڌار ڪري قتل ڪيل مقتولا حنا جنجوعه جو قتل ڪيس حل ڪري ورتو

حيدرآباد(رپورٽ: جاني خاصخيلي) حيدرآباد پوليس 6 ڏينهن اڳ سِسي ڌڙ کان ڌار ڪري قتل ڪيل مقتولا حنا جنجوعه جو قتل ڪيس حل ڪري ورتو، حنا جا قاتل سندس مڙس جو ڀيڻويو ۽ ڀيڻ نڪتا، سفاڪ قاتل منصب پاران حنا کي حوس، پئسي جي لالچ ۽ حسد ۾ اچي گهٽا ڏئي، ڪهي قتل ڪرڻ بعد لاش جا 8 ٽڪر ڪرڻ جو پوليس آڏو اعتراف ڪري ورتو. تفصيل موجب حيدرآباد جي بلديا ٿاڻي جي حد گهمن آباد واري علائقي ۾ 13 مئي تي قتل ڪيل مقتولا عورت 24 ورهين جي حنا زال عدنان لوڌي جو قتل ڪيس حيدرآباد جي سي آءِ اي پوليس حل ڪري ورتو، مقتولا حنا جو سفاڪ قاتل سندس مڙس عدنان لوڌي جو ڀيڻويو منصب ۽ ان جي زال رخسانه نڪتا آهن، جن پوليس آڏو ڏوهه جو اعتراف ڪري ڇڏيو آهي