سومر 19 نومبر 2018ء

سنڌ اسيمبلي: نصرت سحر ڊپٽي اسپيڪر کي سينڊل ڏيکاري ڇڏيو، شهلا رضا پاران سخت ڪاوڙ

ويب ڊيسڪ: ڪراچي: سنڌ اسيمبلي ۾ فنڪشنل ليگ جي ميمبر نصرت سحر عباسي ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا کي سينڊل ڏيکاريو، جنهن تي هو سخت ڪاوڙجي پئي ۽ نصرت سحر عباسي کي ايوان مان ٻاهر ڪڍرائي ڇڏيو. سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا جي سربراهي ۾ ٿيو، جنهن ۾ ممتاز جکراڻي بجيٽ تي بحث ڪري رهيو هو ته ان دوران هن مسلم فنڪشنل ليگ جي ميمبر نصرت سحر عباسي تي تنقيد ڪندي چيو ته نصرت سحر عباسي ايوان ۾ رڙيون ڪندي آهي ۽ هوءَ اهو ناهي ٻڌائيندي ته هن پيپلز پارٽي کان ڪيترا فائدا ورتا اهن. ممتاز جکراڻي الزام لڳايو ته نصرت سحر عباسي گيانچند کان بارداڻي جون ٻوريون ورتيون، هو پ پ پ جو کائي به الزام لڳائي ٿي. ممتاز جکراڻي جي الزامن تي نصرت سحر عباسي سخت ڪاوڙ ۾ اچي وئي ۽ رڙيون شروع ڪيون، ان تي ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا چيو ته توهان اسان جي قيادت تي اهڙي قسم جا لفظ استعمال ڪيو ٿا پر پنهنجي مٿان ڪجهه برداشت نٿا ڪريو. شهلا رضا جي ٽوڪڻ تي نصرت سحر عباسي ڪاوڙ ۾ اچي وئي ۽ پير مٿي ڪري ڊپٽي اسپيڪر کي چمپل ڏيکاري، جنهن تي شهلا رضا سخت ڪاوڙجي پئي ۽ ايوان ۾ موجود سارجنٽ کي نصرت سحر عباسي کي اسيمبلي مان ٻاهر ڪڍڻ جو حڪم ڏنو، ان تي سارجنٽ نصرت سحر عباسي کي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو. شهلا رضا چيو ته جيڪڏهن نصرت سحر عباسي رهي ته ايوان ائين نه هلندو، هوءَ اڄوڪي ڏينهن تي اسيمبلي مان ٻاهر رهندي، ان جي پارٽي کي درخواست ڪندس ته ان کي تميز سيکاري ۽ ايندڙ اليڪشن ۾ کيس ٽڪيٽ نه ڏئي. ڊپٽي اسپيڪر چيو ته چمپل ڏيکارڻ غلطي نه پر ڏوهه آهي، جنرل ضياءَ جا پاليل ماڻهو ئي ايوان ۾ جُتا ڏيکاري سگهن ٿا. ان دوران اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ خواجا اظهار تقرير ڪئي ۽ ڊپٽي اسپيڪر کي سندس نالي سان مخاطب ٿيو، ان تي شهلا رضا خواجا اظهار کي به ڇنڊ پٽي ۽ تنبيهه ڪئي ته توهان منهنجو نالو تميز سان وٺو شهلا شهلا نه ڪريو.