سومر 19 نومبر 2018ء

ٿرجي علائقي ڇاڇرو ۾ پاڻي جو بحران شدت اختيار ڪري ويو، رهواسين جو احتجاج

ويب ڊيسڪ: ٿر/ ڇاڇرو: ٿرجي علائقي ڇاڇرو ۾ پاڻي جو بحران شدت اختيار ڪري ويو. عوام جو پاڻي جي کوٽ خلافپاڻي جون ٽينڪيون ۽ ٿانو کڻي ٻن ڏينهن کان احتجاج جاري آهي، جڏهن سحر ۽ افطار ۾ شديد مشڪلات ۽ شديد گرمي سبب عورتن ۽ ٻارن جو برو حال آهي. تفصيل مطابق ٿر جي علائقي ڇاڇرو، ارسلان پور، ٿيپرو ۽ ضلعي مٺي ۾ پاڻي جي بحران جو بحران شدت اختيار ڪري ويو آهي ۽ پاڻي جي کوٽ خلاف عوام پاڻي جون ٽانڪيون ۽ ٿانو کڻي احتجاج ٻن ڏينهن کان جاري آهي. مظاهرين حڪومت کان هنگامي طور تي پاڻي جو مسئلو حل ڪرائڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته ته پاڻي جي کوٽ سبب سحري ۽ افطاري به نه ٿا ڪري سگهون، جڏهن ته گرمي جي شدت سان عورتن ۽ ٻارن جو برو حال آهي.