اربع 21 نومبر 2018ء

سخت گرمي سبب جسم ۾ پاڻي جي کوٽ ٿي سگهي ٿي، سحر ۽ افطار ۾ پاڻي جو استعمال وڌائڻ گهرجي: صحت جا ماهر

ويب ڊيسڪ: حيدرآباد : صحت جي ماهرن رمضان شريف ۾ سخت گرمي سبب جسم ۾ پاڻي جي کوٽ پوري ڪرڻ جا بهترين مشورا ڏنا آهن صحت جي ماهر ڊاڪٽر بشير احمد خاصخيلي ”اي پي پي“ خاص ٻولهه ڪندي چيو ته سخت گرمي سبب جسم ۾ پاڻي جي ڪمي ٿي سگهي ٿي جنهن لاءِ سحر ۽ افطار ۾ پاڻي جواستعمال وڌائڻ گهرجي پاڻي جا ميوون جو رس وڌ ۾ وڌ پيئڻ گهرجي پنهنجي خوراڪ ۾ کير ۽ ڏهي جو استعمال ضرور ڪيو وڃي. هن ٻڌايو ته سحري ۾ گهٽ ۾ گهٽ 2 گلاس پاڻي لازمي پيئڻ گهرجن جڏهن ته جوس ۽ ڪولڊ کان پري رهڻ گهرجي هي اوهان جو وزن وڌائي ڇڏيندا اهڙي کاڌي جو استعمال ڪيو جنهن ۾ پاڻي جو مقدار وڌيڪ هجي. افطار جي وقت هڪ ئي مهل ست يا اٺ گلاس پاڻي پيئڻ سان ڪوئي فائدو نه ٿيندو روزيدار روزو کارڪن ۽ پاڻي جي گلاس سان افطار ڪن جڏهن رات جو نماز تراويح ۽ بين عبادتن لاءِ وڃن ته پاڻي جي بوتل گڏ کڻي وڃن رات جو هڪ پاڻي جي بوتل پنهنجي ويجهو رکن ڪوشش ڪئي وڃي ته گرم ۽ اس واري هنڌ تي گهٽ کان گهٽ وڃڻ گهرجي.