سومر 19 نومبر 2018ء

شهيد ڪرنل سهيل قوم جو بهادر سپوت هو جنهن ملڪ ۽ قوم جي حفاظت لاءِ پنهنجي جان جو نذرانو پيش ڪيو: احسن اقبال

ويب ڊيسڪ: اسلام آباد: گهرو وزير احسن اقبال چيو آهي ته شهيد ڪرنل سهيل قوم جو بهادر سپوت هو جنهن ملڪ ۽ قوم جي حفاظت لاءِ پنهنجي جان جو نذرانو پيش ڪيو. هن اها ڳالهه ڪرنل سهيل عابد شهيد جي رهائش گاهه تي چئي، گهرو وزير شهيد جي وارثن سان تعزيت ڪئي ۽ انهن لاءِ صبر جي دعا ڪئي، ڪيڊ وارو مملڪتي وزير طارق فضل چوڌري به ساڻس گڏ هو. گهرو وزير احسن اقبال چيو ته قوم کي پنهنجن شهيدن تي فخر آهي. هن چيو ته اسان جي سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي خلاف جنگ ۾ لازوال قربانيون ڏنيون آهن ۽ شهيدن جون قربانيون رائيگان نه وينديون. هن چيو ته پاڪستان مان نفرت جو خاتمو اولين ترجيح آهي، گهرو وزير احسن اقبال قبرستان به ويو ۽ ڪرنل سهيل شهيد جي قبر تي فاتحه به پڙهي.