اربع 21 نومبر 2018ء

وڏي وزير طرفان ڪراچي جي مختلف علائقن جو دورو، هيٽ اسٽروڪ مرڪزن ۾ وڃي سهولتن جو جائزو ورتو

ويب ڊيسڪ: ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اربع ڏينهن ڪراچي شهر جو دورو ڪيو. ان موقعي تي صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه ۽ سعيد غني به موجود هئا. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه شهر ۾ هيٽ اسٽروڪ مرڪزن جو دورو ڪيو ۽ هن صدر ۾ قائم ڪيمپ جو پڻ معائنو ڪيو، جتي شهرين لاءِ پيئڻ جو ٿڌو پاڻي ۽ ٻيون سهولتون موجود هيون. وڏي وزير انهن ڪيمپن ۾ موجود سهولتن تي پنهنجي اطمينان جو اظهار ڪيو. وڏي وزير کي ان موقعي تي ٻڌايو ويو ته ضلعي ڏکڻ ڪراچي ۾ 18 هيٽ اسٽروڪ ڪيمپس لڳايون ويون آهن جتي شهرين کي گرميءَ کان بچاءَ لاءِ ٿڌي پاڻيءَ سميت ٻين سهولتن کي يقيني بڻايو ويو آهي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته الله سائين جي مهرباني آهي ته هيٽ اسٽروڪ جي ڪري شهر ۾ ڪابه فوتگي ناهي ٿي. هن چيو ته گذريل ڏينهن اسپتالن ۾ چار هيٽ اسٽروڪ کان متاثر مريض آيا هئا، جن کي طبي سهولتون فراهم ڪيون ويون. وڏي وزير چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته روڊن جي ڀرسان هيٽ اسٽروڪ ڪيمپس لڳايون وڃن جتي مريضن کي ترت امداد فراهم ڪري سگهجي. وڏي وزير چيو ته شديد گرميءَ جي موسم ۾ عوام کي پاڻ به خيال رکڻ گهرجي ۽ احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ گهرجن. وڏي وزير طارق روڊ تي قائم ڪيمپ جي دوري بعد جناح اسپتال پهتو، ان موقعي تي وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته گرميءَ جي ساڳئي ڪيفيت سال 2015ع ۾ به هئي. هن چيو ته ڪراچي جو عوام ايم ڪيو ايم کي سٺي طريقي سان سڃاڻي ورتو آهي. ايم ڪيو ايم شهر ۾ ڀڃ ڊاهه ڪئي، جڏهن ته اسان ڪراچي شهر جي نئين سر تعمير ڪندا رهياسين. وڏي وزير چيو ته ايم ڪيو ايم وارن دلين ۾ ڏار ڏئي ماڻهن کي ورهائي ڇڏيو جڏهن ته اسان يڪجهتيءَ لاءِ ڪم ڪيو. هن چيو ته موجوده سياست خدمت ڪرڻ جي آهي. شرانگيز ڳالهيون ايم ڪيو ايم کي ووٽرن کان وڌيڪ پري ڪري سگهن ٿيون. وڏي وزير اربن فاريسٽ پارڪ باٿ آءِ لينڊ جو پڻ دورو ڪيو. وڏي وزير سب مرين کان سن سيٽ بليووارڊ تي تعمير روڊ جو به معائنو ڪيو کيس ٻڌايو ويو ته روڊ جي تعمير وارو ڪم تيزيءَ سان جاري آهي.