جمعو 21  سيپٽمبر 2018ع

حضرت سچل سرمست جو 197هون ساليانو عرس 14 رمضان المبارڪ 1439 کان درازا شريف ۾ شروع ٿيندو

ويب ڊيسڪ: سکر: ناليواري صوفي بزرگ ۽ شاعر حضرت سچل سرمست جو 197هون ساليانو عرس 14 رمضان المبارڪ 1439هه بمطابق 30 مئي 2018ع اربع ڏهاڙي کان درازا شريف ۾ شروع ٿيندو، جنهن جو افتتاح مزار تي گلن جي چادر چاڙهي ڪيو ويندو. اهڙي پڌرائي جاري ڪندي ڊپٽي ڪمشنر خيرپور جاويد علي جاگيراڻي چيو آهي ته حضرت سچل سرمست جو عرس مبارڪ هر سال جيان 14 ۽ 15 رمضان المبارڪ تي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويندو، جنهن جا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن ۽ ان ڏس ۾ مختلف انتظامي ڪميٽيون جوڙيون ويون آهن. ڊي سي خيرپور چيو ته حضرت سچل سرمست جي عرس ۾ نه رُڳو ملڪي پر دُنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان عقيدتمند شرڪت ڪندا جن کي سهولتون ڏيڻ لاءِ انتظام ڪيا ويا آهن. هن چيو ته سچل سرمست جي عرس جي موقعي تي محفل سماع، ادبي ڪانفرنس، مشاعرو ۽ زرعي نمائش سميت ٻيا پروگرام رٿيا ويا آهن، جڏهن ته سڪيورٽي جا انتظام پڻ سخت ڪيا ويندا.