خمیس 20  سيپٽمبر 2018ع

گورنر پاران اعتراض لڳائي واپس ڪيل 3 بلن سميت سنڌ حڪومت 8 بل سنڌ اسيمبلي مان پاس ڪرائي ورتا

ڪراچي (رپورٽ: وحيد گل ميمڻ) گورنر پاران اعتراض لڳائي واپس ڪيل 3 بلن سميت سنڌ حڪومت 8 بل سنڌ اسيمبلي مان پاس ڪرائي ورتا، 5 بل اڄ پاس ڪرايا ويندا، مخالف ڌر جو احتجاج رد، ايم ڪيو ايم پاران وڏي وزير جو 2 ڏينهن اڳ ڳالهايل لعنت وارو لفظ ڪارروائي مان خارج ڪرڻ جي گهر، سينيئر صوبائي وزير نثار کهڙي چيو آهي ته وڏي وزير سنڌ کي ورهائڻ واري سوچ جي خلاف اهڙا لفظ ڳالهايا آهن، ڪنهن پارٽي يا شخص جو نالو ناهي کنيو، سندس غور موجودگي ۾ ان جا لفظ ڪيئن ٿا خارج ڪري سگهجن، هو پاڻ اچي جواب ڏئي سگهي ٿو.