اڱارو 18  سيپٽمبر 2018ع

ناڻي کاتي ۾ ڪرپشن ڪندڙن کي نوڪرين مان فارغ ڪرڻ سميت مختلف سزائون ڏنيون ويون آهن: نثار کهڙو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنيئير صوبائي وزير نثار کهڙي چيو آهي ته ناڻي کاتي ۾ ڪرپشن ڪندڙن کي نوڪرين مان فارغ ڪرڻ سميت مختلف سزائون ڏنيون ويون آهن، سنڌ اسيمبلي ۾ ناڻي کاتي بابت سوالن جا جواب ڏيندي نثار کهڙي چيو ته ناڻي کاتي جي عملدار گل محمد پليجو ۽ منظور کي نوڪرين مان فارغ ڪيو ويو، جڏهن ته ارڙهين گريڊ جي غلام قادر سومرو، ابراهيم، نذير حسين منگي، حامد مگسي، شاهجهان کوکر، ذوالفقار سيال، محمد خان شيخ ۽ ذوالقرنين کي معطل ڪرڻ، کان وٺي شوڪاز نوٽيس تائين جون سزائون ڏنيون آهن، هن چيو ته فيڪ چيڪ ڏيندڙن ملازمن کان پئسا رڪور ڪري خزاني ۾ جمع ڪرايا ويا آهن، جنهن ۾ غلام مصطفيٰ لنڊ 9 ڪروڙ رپيا ۽ محمد سليمان ميراڻي 4 ڪروڙ 4 لک رپين جي ڪرپشن ڪئي هئي، ڪرپشن ڪندڙ ملازم 12 کان گريڊ 18 جا ملازم هئا.