اربع 21 نومبر 2018ء

حيدرآباد ۾ ريلوي ٽريڪ تي ڪريڪر ڌماڪا، ريلوي جو نظام معطل

حيدرآباد(بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ ريلوي ٽريڪ تي ڪريڪر ڌماڪا، ريلوي ٽريڪ تي کڏا پئجي ويا، ڌماڪن بعد ريلوي ٽريفڪ جو نظام معطل ٿي ويو، پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن پهچي علائقي کي ڪڙو چاڙهي بم ڊسپوزل عملي کي طلب ڪيو. قاسم آباد جي سحرش نگر واري علائقي ۾ ڪالهه فجر مهل 2 ڪريڪر ڌماڪا ٿيا، ڌماڪن جو اطلاع ملڻ تي حيدرآباد پوليس ۽ انتظاميا ۾ ٿرٿلو مچي ويو، فوري طور تي پوليس جا اٽالا، رينجرس جا اهلڪار ۽ بم ڊسپوزل اسڪواڊ جو عملو واقعي واري هنڌ پهچي ويو، اهلڪارن ڌماڪي واري هنڌ کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو، ڌماڪن کانپوءِ ريلوي ٽريفڪ جو معطل ڪيو ويو، پنجاب کان ڪراچي ويندڙ ٽرينن بهاول الدين ذڪريا، پاڪستان ايڪسپريس ۽ فريد ايڪسپريس ريل گاڏين کي حيدرآباد ريلوي اسٽيشن روڪيو ويو،