سومر 19 نومبر 2018ء

پي آءِ اي جو مالي بحران وڌي ويو، ملازمن جي پگهار بند

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پي آءِ اي جو مالي بحران سنگين صورت اختيار ڪري ويو آهي. پي آءِ اي جو خزانو خالي هئڻ سبب فيول ڪمپنين کي ادائيگيون نه ٿي سگهيون آهن. ذريعن موجب جيڪڏهن ادائيگيون جلد نه ٿيون ته جهازن کي فيول ملڻ بند ٿي ويندو جنهن سبب فلائٽ آپريشنز متاثر ٿي سگهي ٿو. ذريعن موجب وفاقي سرڪار پي آءِ اي کي وڌيڪ فنڊ ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي جنهن سبب فيول ڪمپنين کي ادائيگيون رولڙي جو شڪار آهن. ذريعن موجب قومي ايئر لائن کي جهازن جي ليز جا هڪ ارب رپيا ادا ڪرڻا آهن. جڏهن ته فيول ڪمپنين ۽ اوور فلائنگ جي مد ۾ 4 لک ڊالر روزاني ادائيگي ادا ڪرڻي پوندي آهي. قومي ايئر لائن کي 13 هزار ملازمن جي پگهارن لاءِ هڪ ارب 20 ڪروڙ رپين جي به ضرورت آهي جڏهن ته فنڊ نه هئڻ سبب ملازمن جون پگهارون به رولڙي جو شڪار ٿي ويون آهن. ذريعن موجب قومي ايئر لائن بونس جو اعلان ڪيو هو ۽ هاڻي ملازمن لاءِ ٽن مهينن جي بونس جو اعلان به پي آءِ اي تي اضافي بار ٿي ويو آهي.