آچر 19  آگسٽ 2018ع

پاڪستان لارڊز ٽيسٽ ميچ ۾ انگلينڊ کي 9 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي

ويب ڊيسڪ: لنڊن: پاڪستان لارڊز ٽيسٽ ميچ ۾ انگلينڊ کي شڪست ڏئي سريز ۾ 0-1 جي سرسري حاصل ڪري ورتي. انگلينڊ طرفان مليل 64 رنسن جو ٽارگيٽ 1 وڪيٽ جي نقصان پورو ڪري ورتو. پاڪستان طرفان امام الحق ۽ اظهر علي اننگز جي شروعات ڪئي پاڪستان جو واحد آئوٽ ٿيندڙ بيٽسمين اظهر علي هو جيڪو 4 رنسون ٺاهي جيمز انڊرون هٿان بولڊ آئوٽ ٿيو. پاڪستان طرفان حارث سهيل 39 ، جڏهن ته امام الحق 18 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا .ان کان اڳ ميزبان انگلش ٽيم لارڊز ٽيسٽ جي جي ٻئي اننگز 6 وڪيٽن جي نقصان تي 235 رنسن سان چوٿين ڏينهن جي راند جي شروعات ڪئي، قومي ٽيم چوٿين جي ڏينهن جي شروعات ۾ شاندار بالنگ جو مظاهرو ڪندي انگلش بيٽسمين کي گهڻي دير وڪيٽ تي بيهڻ نه ڏنو ۽ سموري ٽيم 242 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. چوٿين ڏينهن جي راند شروع تي اسڪور ۾ 2 رنسن جي اضافي بعد بٽلر 67 رنسون ٺاهي محمد عباس هٿان آئوٽ ٿي ويو، مارڪ ووڊ چار رنسون ٺاهيون ته محمد عامر سرفراز احمد جي مدد سان کيس پولين جي راهه ڏيکاري، اسٽورٽ بروڊ کي محمد عباس سرفراز احمد جي مدد سان بنا ڪنهن رنس ٺاهڻ جي واپسي جو رستو ڏيکاريو، انگلينڊ جو آخري آئوٽ ٿيندڙ بيٽسمين ڊومينڪ بيس هو جنهن 57 رنسون ٺاهيون کيس محمد عامر بولڊ ڪيو.انگلينڊ جي سموري ٽيم 242 تي آل آئوٽ ٿي وئي ۽ پاڪستان کي ميچ ۾ ڪاميابي لاءِ 64 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو، انگلش ٽيم طرفان ڪپتان جو روٽ 68 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيو ٻين رانديگرن ۾ بٽلر 67 ۽ ڊومينڪ بيس 57 رنسون ٺاهي اڳڀرا رهيا. قومي ٽيم طرفان محمد عباس ۽ محمد عامر چار چار جڏهن شاداب خان 2 شڪار ڪيا.ياد رهي ته لارڊز ٽيسٽ ۾ گرين شرٽس ان کا اڳ پنهنجي پهرين اننگز ۾ 363 رنسون ٺاهي آل آئوٽ ٿي وئي هئي، جڏهن ته انگلش ٽيم پهريان کيڏيندي 184 رنسن تي ڍير ٿي وئي هئي.