جمعو 14 ڊسمبر 2018ء

ٽرمپ اتر ڪوريا سان ٻيهر ڳالهين ڪرڻ لاءِ راضي

پروفيسر بشير سومرو
گذريل هفتي اتر ڪوريا جي صدر ڪم جونگ ان پنهنجو وعدو پورو ڪندي ملڪ جي اتر اوڀر ۾ پنجيري نيوڪليئر هنڌ کي تباهه ڪرڻ شروع ڪيو. هي اهو هنڌ آهي جتي اتر ڪوريا جي طرفان ڇهه نيوڪليئر ڌماڪا ڪيا ويا هيا پر عالمي مبصرن ۽ خود ٽرمپ انتظاميه هي اعتراض اٿاريا ته هڪ ته نيوڪليئر هنڌ کي ماهرن جي نگرانيءَ ۾ تباهه ڪرڻ گهرجي ۽ ٻيو ته وري پنجيريءَ وارو هنڌ پاڻ ئي تباهه ٿي ويو هيو ۽ اهو هاڻي استعمال جي قابل به نه رهيو آهي پر صدر ڪم اهڙن بيانن کي رد ڪندي چيو ته اسان کي نيوڪليئر ڌماڪن جي لاءِ ٻه ٻيون به سرنگون آهن جيڪي پنجيريءَ واري هنڌ کان تمام وڏا آهن ۽ بهتر حالت ۾ پڻ آهن. اسان امن جو واعدو ڪيو آهي انهيءَ کي پورو ڪنداسين پر اسان اڪيلا ٿي ڪري نيوڪليئر هٿيار ختم نه ٿا ڪرڻ چاهيون، جيڪڏهن صدر ٽرمپ ڳالهين جي لاءِ سنجيده نه آهي ته اتر ڪوريا اهڙين ڳالهين جو بائڪاٽ ڪندو جيڪي ٻارهين جون تي سنگاپور ۾ رٿيل آهن پر، سي اين اين ڏکڻ ڪوريا جي صدر مون جائي ان جي واشنگٽن واري دوران جيمس گرفٿ پنهنجي هڪ تجزياتي رپورٽ ۾ لکيو آهي ته، صدر ڪم جو ڳالهين کان انڪار جو پس منظر دراصل آمريڪا جي طرفان لبيا جي طرز تي نيوڪليئر هٿيارن کان پاڪ ملڪ واري فارمولي تي اعتراض ڪيو ڇاڪاڻ ته آمريڪا جيڪو حشر ڪرنل قذافيءَ سان ڪيو اهڙو حشر صدر ڪم نه پيو چاهي تنهن ڪري هن ڳالهين تان هٿ کڻي وڃڻ جي ڌمڪي ڏني ڇاڪاڻ ته صدر ڪم هڪ ته اتر ڪوريا جي صدر طور رهندو ۽ ساڳئي وقت تي عوامي سطح تي هن جي خلاف ڪا به مهم نه هلائي ويندي وارن نڪتن تي ڳالهائڻ جي لاءِ تيار آهي. صدر ڪم جي طرفان اوچتو ڳالهين ختم ڪرڻ جي ڌمڪيءَ ٽرمپ انتظاميه کي سڪتي ۾ وجهي ڇڏيو ڇاڪاڻ ته اتر ڪوريا سان امن ڳالهين ڪرڻ جي لاءِ صدر ٽرمپ وڏي توانائي خرچ ڪئي هئي ۽ هنن ڳالهين جي پس منظر ۾ سيڪريٽري خارجه ريڪس ٽلرسن کي عهدو ڇڏڻو پيو ۽ اڳوڻي سي آءِ اي جي ڊائريڪٽر مائيڪ پومپيو جنهن ڏکڻ ڪوريا جي صدر مون جائي ان جا ذريعا استعمال ڪندي صدر ڪم کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ جي نتيجي ۾ آمريڪا جو سيڪريٽري خارجه ٿي ويو هيو، انهن سڀني جي سامهون هي نئون مونجهارو اچي ويو ۽ ساڳئي وقت تي ڏکڻ ڪوريا جي صدر مون جائي ان جو ادا ڪيل ڪردار پڻ شڪي ٿيڻ لڳو آهي ڇاڪاڻ ته مون جائي ان صدر ڪم کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ جي لاءِ ڳجهي طرح سان ڳالهيون ڪري پهريان اتر ڪوريا کي راندين جي دعوت ڏني جنهن کان پوءِ صدر ڪم غير فوجي علائقي ۾ صدر مون سان ملاقات ڪري دنيا کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو پر صدر ڪم جون آمريڪا کي ڏنل ڌمڪيون ۽ صدر ٽرمپ طرفان سربراهي ڳالهين تان هٿ کڻڻ کان پوءِ صدر مون جائي ان جو منٿ ميڙ وارو ڪردار پڻ شڪي ٿيندي نظر اچي پيو. ٻيو ته ٺهيو پر ڏکڻ ڪوريا ۽ آمريڪا جون جيڪي فوجي مشقون گذريل هفتي کان جاري آهن اتر ڪوريا انهن جنگي مشقن تي پڻ اعتراض ڪيو آهي. صدر ڪم جي اهڙي سخت رويي کان پوءِ صدر ٽرمپ هڪ خط جي ذريعي سنگارپور ۾ ٿيندڙ سربراهي ڪانفرنس تان هٿ کڻندي ڪم جونگ ان تي الزام لڳائيندي چيو ته اتر ڪوريا هي موقعو وڃائي ڇڏيو جيڪو تاريخي طور تي اهم هيو پر صدر ڪم جي خطرناڪ ڪاوڙ ۽ کليل دشمنيءَ وارين ڌمڪين جي ڪري ڳالهيون ختم ڪيون پيو وڃن. صدر ٽرمپ جي اهڙي قدم کڻڻ کان پوءِ ڏکڻ چيني سمنڊ ۾ آمريڪا جا ايشيائي ساٿي هاڻي صدر ٽرمپ جي انهن حرڪتن کي سمجهي ويا آهن ته هاڻي هو اوچتو ڪهڙا به فيصلا ڪري سگهي ٿو جنهن تي اتحادي ملڪن ۾ آمريڪا جي لاءِ هڪ مختلف تاثر اڀري رهيو آهي ته آخر آمريڪا پنهنجي اتحادين سان اهڙو رويو ڇو ٿو رکي، هڪ ته اتر ڪوريا ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ٿيندڙ ڳالهين ۾ اتحادين کي پاسي تي ڪندي ڏکڻ ۽ اتر ڪوريا جي وچ ۾ ڳالهيون ڪرايون جنهن کان پوءِ اتر ڪوريا ۽ آمريڪا جي وچ ۾ حيرت انگيز نموني سان نرم ۽ ڌمڪي آميز ڳالهيون ٿيون به ۽ ختم به ٿي ويون پر انهن ڏينهن ۾ خاص طور تي جپان کان صلاح ئي نه ورتي وئي جيڪو لڳاتار اتر ڪوريا جي ميزائيل تجربن جي زد ۾ رهيو آهي ۽ هڪ دفعي ته جپان ۾ جنگي گُهگهو به وڄي ويا هيا پر هاڻي به ڳالهين تان هٿ کڻڻ جو مقصد هڪ دفعو وري ڏکڻ چيني سمنڊ جي ملڪن جي سڪيورٽيءَ کي داءَ تي لڳائڻو آهي پر ڏکڻ چيني سمنڊ جي اندر جڙندڙ هن نئين ماحول ۾ وري فائدو چين جو ئي آهي جنهن جو آمريڪا سان واپاري تضاد اڃا ٽريو نه آهي ڇاڪاڻ ته آمريڪي صدر جو لڳاتار چين جي مٿان دٻاءُ آهي ته هو آمريڪا کي ٻه سو ارب ڊالر ساليانو واپاري خسارو پورو ڪرڻ ڏي. اهڙي ئي پس منظر ۾ سائوٿ چائنا مارننگ پوسٽ ۾ هڪ آرٽيڪل وانگ شيانگئي لکيو آهي جنهن ۾ هن تجزيو ڪندي چيو آهي ته صدر ٽرمپ کي وڏي اميد هئي ته هو چين سان ڳالهين جي ذريعي واپاري جنگ کٽي ويندو پر هن آرام سان فتح چين جي نالي ڪري ڇڏي پر انهيءَ جي بدلي ۾ هو ڪجهه به نه وٺي سگهيو. اهو ئي سبب آهي جو چيني سوشل ميڊيا جارحاڻي انداز ۾ صدر ٽرمپ تي تنقيد ڪري رهي آهي ته هن اتر ڪوريا سان ٿيندڙ ڳالهيون خود ناڪام بڻايون آهن جڏهن ته صدر ٽرمپ ڳالهين جي ناڪاميءَ جو الزام چين تي هڻي رهيو آهي ڇاڪان ته صدر ڪم صدر مون جائي ان سان ملاقات کان پوءِ ڳجهي نموني سان چين جي صدر شي جنپنگ سان ملاقات ڪئي ۽ اهڙي ملاقات جي نتيجي ۾ ڳالهين جي ختم ٿيڻ جا اشارا اچڻ لڳا ۽ صدر ٽرمپ وري سخت موقف اختيار ڪندي ڳالهين جي ختم ڪرڻ جو خط به جاري ڪري ڇڏيو. صدر ٽرمپ جي ڳالهين جي ختم ڪرڻ کان پوءِ ٽرمپ انتظاميه ۽ صدر مون جائي ان واشنگٽن پهچي ڪري صدر ٽرمپ ۽ سندس انتظاميه تي ڳالهين جي لاءِ زور ڀريو ته هو پنهنجي فيصلي ۾ لچڪ آڻي پر ساڳئي وقت تي ٽرمپ انتظاميه پڻ ڳالهين جي ختم ٿيڻ ۾ خوش نه هئي ۽ انهيءَ جي طرفان پڻ صدر ٽرمپ تي دٻاءُ وڌو ويو. ٽرمپ انتظاميه جا اهم رڪن سيڪريٽري خارجه مائيڪ پومپيو، نيشنل سڪيورٽيءَ جو اڳواڻ جان بولٽن ۽ بچاءَ وارو سيڪريٽري جم ميٽس هيا جن صدر ٽرمپ سربراهي ملاقات جي لاءِ لچڪ ڏيکاري ڇاڪاڻ ته نيوڪليئر هنڌن کي تباهه ڪرڻ ۾ گهڻو وقت لڳندو آهي تنهن ڪري ڳالهين جا دروازا بند نه ڪيا وڃن. نيٺ صدر ٽرمپ پنهنجي انتظاميه ۽ صدر مون جائي ان جي ڪوششن جي نتيجي ۾ اتر ڪوريا سان ڳالهيون ڪرڻ ۾ ڪجهه لچڪ آندي، هن آمريڪي بحري اداري کي خطاب جي وقت چيو ته جيڪڏهن صدر ڪم اڃا به ڳالهين جي لاءِ راضي آهي ته هو به ڳالهين ڪرڻ جي لاءِ ڪنهن به هنڌ ڪنهن به طريقي سان مسئلن کي حل ڪرڻ چاهي ٿو ۽ ڳالهين جا دروازا بند نه ٿو ڪرڻ چاهي.صدر مون جائي ان ۽ ٽرمپ انتظاميه جي اهڙين ڪوششن کان پوءِ صدر ڪم تڪڙ ۾ ڏکڻ ڪوريا جي غير فوجي علائقي جو دورو ڪري صدر مون جائي ان سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن انهيءَ ڳالهه تي زور ڏنو ته سربراهي ملاقات کي ڪنهن به طريقي بچايو وڃي. ٻنهي اڳواڻن جي ملاقات ۾ هڪ طرف هي ثابت ٿيو ته اتر ڪوريا ڪنهن به طريقي سان ختم ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي ۽ ٻي طرف وري صدر مون جائي ان جو ڳالهين ڪرائڻ ۾ ڪردار شڪ کان مٿي ٿي ويو ڇاڪاڻ ته آمريڪي ميڊيا لڳاتار ڏکڻ ڪوريا جي صدر جي خلاف ڪالم پئي لکيا پر هاڻي هن جي تعريف ٿي رهي آهي. صدر ڪم جونگ ان ۽ صدر ٽرمپ جي وچ ۾ سربراهي ڳالهين جي لاءِ وري ماحول جڙي رهيو آهي پر انهن ڳالهين جي پس منظر ۾ خدشا پڻ ظاهر ڪيا ٿا وڃن ته جيڪڏهن اهي ڳالهيون ناڪام ٿيون ته پوءِ ڏکڻ چيني سمنڊ ٻري نه اٿي جنهن جو خوف آمريڪي اتحادين کي ٿيندو ٿو رهي ۽ چين اهڙي پس منظر ۾ تمام گهڻو خوش ٿيندو ته اتر ڪوريا هڪ دفعو وري چين جي دائري ۾ اچي ويندو پر جيڪڏهن اهي ڳالهيون ڪامياب ويون ته ڏکڻ ڪوريا جي مٿان جيڪو نيوڪليئر هٿيارن جي بچاءَ جو ڄار وڇايل آهي ۽ ساڳئي وقت تي ميزائيل ڊفينس شيلڊ پڻ هٽي ويندي جڏهن ته اهو خدشو ظاهر ٿو ڪيو وڃي ته جيڪڏهن اتر ڪوريا ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ڳالهيون ڪامياب ويون ته پوءِ آمريڪا هڪ دفعو وري چين سان ڀرپور نموني واپاري جنگ شروع ڪندو جيڪا نه صرف خود آمريڪا پر سندس اتحادي ملڪن خاص طور تي يورپي يونين ۽ ايشيائي ملڪن جي لاءِ انتهائي خطرناڪ هوندي. [email protected]