جمعو 22 جون 2018ع

اڄ جي اخبار


سوڀ جا مک مضمون


نواز شريف جو 2018ع تائين لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ جي دعويٰ جو ڇا ٿيو؟

چيني ماڊل ۽ پاڪستان

ٽرمپ اتر ڪوريا سان ٻيهر ڳالهين ڪرڻ لاءِ راضي

سنڌي ٻولي پڙهائڻ کان محرومي ڇو؟

ايس بي سي اي جي 11 سؤ ملازمن جون نوڪريون بچائڻ وارو واکاڻ جوڳو قدم

ڪشن گنگا ڊيم، پاڪستان لاءِ واٽر بم

شوبز جون خبرون


ٽي وي ۽ ٿيٽر جي مشهور اداڪار جميل فخري جي 7 ورسي ملهائي وئي
Generic placeholder image
رنوير سنگهه جي ڀارتي گاني” ليلا مين ليلا “ تي ڊانس جي وڊيو سوشل ميڊي تي وائرل
Generic placeholder image
فلم ”ٽوالٽ ايڪ پريم ڪٿا “چين ۾ 8 جون تي ريليز ڪئي ويندي
Generic placeholder image
اداڪاره ميرا عتيق الرحمان جي گهر واري آهي، عدالت 9 سالن کان پوءِ فيصلو ٻڌائي ڇڏيو
Generic placeholder image
سلمان خان، انيل ڪپور، جيڪولين فرنينڊس جي فلم ” ريس 3“ جي ممبئي ۾ اشتهاري مهم
Generic placeholder image

سوڀ ميڊيا گروپ

چيني ماڊل ۽ پاڪستان

ڊاڪٽر منظور اعجاز
اهو اندازو لڳائڻ مشڪل نه آهي ته ايوان اقتدار جا اصلي ۽ ”وڏا“ سمجهن ٿا ته معاشي ترقي لاءِ جمهوري نظام جو هلڻ لازم نه آهي. گهڻو ڪري انهن جو نقطه نظر هي آهي ته جيڪڏهن دنيا ۾ تيز ترين معاشي ترقي ڪندڙ ملڪ چين پنهنجا مقصد غيرجمهوري نظام ۾ حاصل ڪيا آهن ته پاڪستان ائين ڇو نه ٿو ڪري سگهي. ان سلسلي ۾ ميڊيا ۽ سوشل ويب سائيٽن تي به ان قسم جون تحريريون سامهون آيون آهن جن ۾ چين جي ترقياتي ماڊل جو مثال ڏنو ويو آهي. اها حقيقت ته پنهنجي جاءِ تي آهي ته ڪميونسٽ پارٽي جي گرفت ۾ رهندي به چين گذريل ٽيهه چاليهه سالن ۾ جيڪي ترقي ڪئي آهي ان جو مثال ملڻ مشڪل آهي. پر اهو واضع رهي ته چين ۽ پاڪستان جي صورتحال ۾ وڏو بنيادي فرق آهي ۽ کوڙ سارين هڪجهڙاين باوجود ٻنهي نظام ۾ ڪا برابري اڻلڀ آهي. چين ۾ هر ادارو ڪميونسٽ پارٽيءَ هيٺ ڪم ڪري ٿو ۽ ڪنهن کي به پارٽيءَ جي منظور ٿيل حدن کان ٻاهر نڪرڻ جي اجازت نه آهي. گهڻو ڪري انهيءَ ماڊل کي سامهون رکندي پاڪستان ۾ طاقت جو ڪنٽرول مرتڪز ٿي رهيو آهي. چين ۽ پاڪستان کي متوازي نظام سمجهندڙ دليل ڏئي سگهن ٿا ته ٻئي رياستون نظرياتي آهن، ٻنهي ۾ مارڪيٽ جو نظام آهي ۽ ٻنهي ۾ سڌي يا اڻسڌي ريت اقليتن تي حدون قائم آهن. اهڙي طرح ٻيون به کوڙ هڪجهڙايون ڳولهي سگهجن ٿيون ۽ چئي سگهجي ٿو ته پاڪستان به نظرياتي رياست هوندي چين وانگر ترقي ڪري سگهي ٿو. ان سلسلي ۾ اهو به چئي سگهجي ٿو ته پاڪستان ۾ چين وانگر بدعنوانين جو خاتمو ڪري ترقيءَ جي رستي تي هلي سگهجي ٿو. حقيقت اها آهي ته چين ۽ پاڪستان جو نظام هڪٻئي جا ضد آهن. ٻنهي جو نظرياتي بنياد هڪٻئي سان ٽڪرائيندڙ اصولن تي قائم آهي. توڻي جو چين جڏهن ويهين صديءَ جي سوشلزم کان پاسيرو ٿيندي مارڪيٽ جو نظام اختيار ڪيو ته ان مان اهو تاثر اڀريو ته چين دنيا جي باقي سرمائيدار ملڪن جو رستو اختيار ڪري ورتو آهي. پر چين جي ڪميونسٽ پارٽي ان دعوا تي قائم رهي ته اُها مارڪسزم جي رستي ئي هلي رهي آهي. تازو ڪجهه هفتا اڳ جڏهن ڪارل مارڪس جي ٻه سوين سالگراهه ملهائي پئي وئي ته نه صرف چين ان جي جنم واري هنڌ سندس مجسمو لڳايو پر ان موقعي تي صدر شي جن پنگ مارڪس ۽ اينگلز جي ڪميونسٽ مينفيسٽو کي اجتماعي طور تي پڙهڻ لازم قرار ڏنو. گهڻو ڪري چيني ڪميونسٽ پارٽي اهو سمجهي ٿي ته چين جي صنعتي ترقي بنا سوشلزم جي منزل تائين پهچي نه ٿو سگهجي ۽ صنعتي ترقي لاءِ سرمائيداري جي ڪجهه ادارن کي نظام ۾ داخل ڪرڻو پوندو. پر پارٽي ۽ ان جا رهنما اهو به سمجهن ٿا ته مارڪسزم جو اهو اصول اولين حيثيت رکي ٿو ته سڀني تبديلين جو بنياد مادي ذريعن جي تبديليءَ ۾ آهي. چيني ڪميونسٽ پارٽيءَ جو بنياد مارڪسي فلسفي تي ٻڌل هو جنهن جي تشريح مائوزيتنگ چيني حالتن مطابق ڪئي. ان نظريي کي اختيار ڪندي چين ۾ جاگيرداري جو مڪمل خاتمو ڪيو ويو. نه صرف اهو پر جاگيرداري ڪلچر جي باقيات کي ختم ڪرڻ لاءِ پرتشدد قسم جو ثقافتي انقلاب برپا ڪيو ويو. ان ثقافتي انقلاب ۾ انتهائي نوعيت جا منفي رجحان به سامهون آيا پر دلچسپ ڳالهه هيءَ آهي ته ان باوجود مائوزي تنگ جي عزت قائم رهي. اسيءَ جي ڏهاڪي تائين ايندي ايندي چين جاگيرداري جي پڪڙ مان هر حوالي سان آزاد ٿي چڪو هو. عوام ۾تعليم جو نظام هر سطح تي رائج ٿي چڪو هو ۽ عوام ۾ صلاحيتن جي سطح تمام بلند ٿي چڪي هئي. مطلب ته چين هر حوالي سان صنعتي انقلاب لاءِ تيار هو ۽ ان جي عوام ۾ جديد ٽيڪنالاجي کي اپنائڻ جي صلاحيت موجود هئي. اهو ئي ڪارڻ آهي ته چين ٽي چار ڏهاڪن ۾ دنيا جي سڀ کان وڏي معيشت بڻجي ويو آهي. ان جي ابتڙ پاڪستان ۾ جاگيرداري نظام مضبوطيءَ سان قائم رهيو ۽ نظرياتي سطح تي مذهبي اصولن کي مقدم رکڻ جون ڪوششون وڌنديون ويون. جيڪڏهن مارڪسزم جي بنياد تي چين مادي تبديلين کي رهنما اصول طور اپنائيندو رهيو ته پاڪستان ۾ مذهبي بنياد تي روحاني نظام کي هٿي وٺرائي وئي. جيڪڏهن چين جا نظريا ان جي مادي دنيا کي تبديل ڪرڻ تي ٺاهيا ويا آهن ته پاڪستان جي فلسفي ۾آخرت کي بهتر بنائڻ کي ترجيح ڏني وئي آهي. چين ۾ سياسي مرڪزيت ۽ ڪنٽرول کي ڇڏي ڪري سماجي ۽ انفرادي سطح تي هر قسم جي آزادي آهي جڏهن ته پاڪستان ۾ مذهبي نظام تحت سماجي ۽ انفرادي زندگيءَ کي هڪ مخصوص ڍانچي ۾ صورت ڏيڻ جو عمل جاري آهي. چين ۾ سياسي بيانيي تي ڪنٽرول کان علاوه معاشرو هر حوالي سان اولهه جي قدرن کي اپنائي چڪو آهي ۽ ذاتي زندگي ۾ ڪنهن قسم جي بندش ناهي جڏهن ته پاڪستان ۾ ان جي ابتڙ ٿي رهيو آهي. شايد پاڪستان ۾ به عوامي سطح تي سرمائيدار معاشرن جا قدر آهستي آهستي پنهنجيون پاڙون لڳائي چڪا آهن پر رياست انهن کي ڌڪ رسائيندڙ نظرين کي هٿي ڏئي رهي آهي. جيڪڏهن غور سان ڏسجي ته چين ۽ پاڪستان جا نظرياتي بنياد هڪٻئي سان ٽڪراءَ ۾ آهن. چين هڪ مڪتب فڪر جي تناظر ۾ شايد اهو سمجهي رهيو آهي ته جڏهن پاڪستان جون مادي حالتون تبديل ٿي وينديون ته ان جي نظرياتي ساخت به بدلجي ويندي. انهيءَ ڪري اُهو سي پيڪ ذريعي پاڪستان ۾ معاشي ترقي کي تيز تر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. ٻئي پاسي پاڪستان جون ڪجهه طاقتون اهو سمجهي رهيون آهن ته اُهو مذهبي روايت پرستي کي ڍال بڻائي سياسي مرڪزيت پيدا ڪري سگهن ٿيون ۽ معاشي ترقي پاڻمرادو ٿي ويندي. مختلف پاسن کان ايندڙ رپورٽن مطابق چيني پاڪستان بابت هاڻي تمام گهڻو پراميد نه آهن ڇاڪاڻ ته اُهي سمجهن ٿا ته پاڪستان مذهبي انتهاپسندي کي روڪڻ جون مناسب ڪوششون نه پيو ڪري. هاڻي ڏسڻو هي آهي ته چين پاڪستان ۾ بنيادي تبديليءَ لاءِ ڪيتري دير انتظار ڪري سگهي ٿو.