خمیس 18 آڪٽومبرر 2018ع

نواز شريف جو 2018ع تائين لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ جي دعويٰ جو ڇا ٿيو؟

ايڊيٽوريل
نواز شريف جي پنجن سالن ۾ ملڪ ۾ انقلاب آڻڻ واري حڪومت جا هاڻ باقي 4 ڏينهن وڃي بچيا آهن، ان انقلابي منشور ۾ ميان صاحب وڏي واڪي ٽي وي تي شيروانيون پائي خطاب ڪيو ته 2018ع تائين لوڊشيڊنگ جو نالو نشان نه هوندو، ان کانپوءِ ميان صاحب 2013ع کان ويندي پنهنجي نااهليءَ تائين ان ڳالهه کي ڄڻ ته ڳنڍ هڻي ڇڏي ته 2018ع تائين ملڪ ۾ لوڊشيڊنگ ڪونه هوندي. پر اڄ جيڪا صورتحال ملڪ اندر بجلي جي لوڊشيڊنگ جي آهي، تنهن ماضي جا رڪارڊ به ٽوڙي ڇڏيا آهن ۽ جيتري گهڻي گرمي آهي، اوتري وڌيڪ لوڊشيڊنگ آهي. مسلم ليگ (ن) جي حڪومت جيئن 2013ع ۾ قائم ٿي، تنهن عوام کي وڏا سبز باغ ڏيکاري ملڪ مان لوڊشيڊنگ جي خاتمي کي پنهنجي حڪومت جي ڪامياب ترين پاليسي قرار ڏنو ۽ ميان صاحب وڏي واڪي پيپلز پارٽي تي لوڊشيڊنگ ختم نه ڪرڻ جا طعنه ڏئي عوام کي بي وقوف بڻائيندو رهيو، هر فورم ۽ هر تقريب ۾ ميان صاحب کي انهن پنجن ئي سالن ۾ 2018ع تائين لوڊشيڊنگ جي خاتمي واري ڳالهه ڄڻ ته زبان تي ايلفي وانگر فٽ ٿي وئي هئي. هاڻي سوال ڪجي ته ڪنهن سان ڪجي اڄ جيڪا رمضان المبارڪ جي مهيني ۾ ملڪ جي بجلي لوڊشيڊنگ جو آزار آهي، تنهن نه رڳو روزيدارن پر پورهيت طبقي ۽ عوام کي به توائي ڪري ڇڏيو آهي.جڏهن ته نواز شريف هيڏي وڏي ڪوڙ هڻڻ کانپوءِ به عوامي جلسن کي خطاب ڪري ماڻهن کي اڃا به بيوقوف بڻائي رهيو آهي. تازو عدالت پاران نااهل ٿيل اڳوڻي بجلي ۽ پاڻي جي وزير خواجا آصف به انهن پنجن سالن ۾ ماڻهن کي 2018ع تائين لوڊشيڊنگ ختم ٿيڻ جون لوريون ٻڌائي ايترو به بيوقوف ڪيو جو هاڻي هو لڪندو وتي ته ڪٿي گرمي سٽيل ماڻهو ان ڪوڙ جي ڪسر نه ڪڍنس. نواز ليگ جا اڪثر اهم ليڊر هڪ ته ڪوڙ ڳالهائڻ جا وڏا ماهر آهن ۽ ان کي اهڙي طرح پيش ڪندا آهن، ڄڻ ته سچ ڳالهائي رهيا آهن ۽ وري منهن جا به اهڙا پڪا آهن جو اڄ به نواز شريف کي يا خواجا آصف کي يا شهباز شريف کي لوڊشيڊنگ طرف ڌيان ڇڪائجي ٿو ته بي شرمي ۾ اهو جواب ڏين ٿا ته اسان پنجن سالن ۾ انقلاب آڻي ڇڏيو پر اڄ جيڪا عوام سان لوڊشيڊنگ جي حالت آهي، اهو ڪڙو سچ ڪنهن کي نظر نه ٿو اچي، جڏهن سنڌ ۽ پنجاب ۾ گرمي پد 48 کان 50 سينٽي گريڊ وڃي پهتو آهي ۽ اهڙي حالت ۾ بجلي به ڪلاڪن جا ڪلاڪ بند هجي ته اهڙن حڪمران ۽ اهڙي حڪومت کي ڪهڙي سزا ڏجي. حڪمرانن جي نااهلي آهي جو هن ننڍڙي مسئلي کي به اڄ تائين حل نه ڪري سگهيا آهن، اڄ دنيا ۾ پن بجلي، سولر بجلي ۽ ڪوئلي مان بجلي ٺهي رهي آهي، پر اسان جا حڪمران هرو ڀرو ڊيم ٺاهي ۽ ماڻهن کي سستي بجلي جا خواب ڏيکاري اصل ۾ هڪ طرف ڪرپشن ڪرڻ چاهين ٿا، ٻئي طرف وڏو صوبو سنڌ صوبي جي پاڻي تي قبضي ڪرڻ لاءِ هي حربا استعمال ڪري رهيو آهي. دنيا ۾ اڄ اتي هڪ منٽ به بجلي بند نه ٿيندي آهي، جتي پاڻي پيئڻ جو به ڪونهي، جنهن جو مثال سعودي عرب آهي، ڇا اتي بجلي ڪيئن ٺهي آهي؟ اسين موجوده حڪمرانن جي پنجن سالن جي ڪارڪردگي ۽ ان دوران لوڊشيڊنگ تي ضابطي نه آڻڻ تي مايوسي جو اظهار ڪريون ٿا ۽ عوام کي چئون ٿا ته هو اهڙن حڪمرانن کي ٻيهر ووٽ ڏئي ڇا اڃا وڌيڪ پنج سال گرمي ۾ گذاريندا؟ تنهنڪري اهڙن حڪمرانن لاءِ سڀ کان وڏي سزا اها آهي ته اهڙن کي ووٽ جي پرچي ذريعي منهن ٽوڙ جواب ڏجي.