آچر 18 نومبر 2018ء

ايم ڪيو ايم پاڪستان اڳواڻ رشيد گوڊيل پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ شامل

ويب ڊيسڪ: اسلام آباد: ايم ڪيو ايم پاڪستان اڳواڻ رشيد گوڊيل پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿي ويو آهي. ايم ڪيو ايم جو اڳوڻو اڳواڻ رشيد گوڊيل بني گالا ۾ پارٽي چيئرمين عمران خان سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران هن باضابطا طور پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو. ان موقعي تي عمران خان جو چوڻ هو ته رشيد گوڊيل ڀاءَ جي تحريڪ انصاف ۾ شموليت تي تمام گهڻي خوشي ٿي، خوشي ان لاءِ ٿي ته ڪراچي ۾ ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته اهي نتيجا ڏيون ته جيئن تبديلي آڻي سگهون. هن چيو ته رشيد گوڊيل جي اچڻ سان ڪراچي کي پراڻي ٽيم سان گڏجي منظم ڪنداسين ۽ ايندڙ چونڊن ۾ پي ٽي آءِ ڪراچي مان سڀ کان وڌيڪ ووٽ کڻندڙ پارٽي هوندي.