خمیس 20  سيپٽمبر 2018ع

ميرپورخاص شهر ۾ پيئڻ جي پاڻي جو شديد بحران. رمضان جي ڀلاري مهيني ۾ شهري جر جو کارو پاڻي واپرائڻ تي مجبور

ويب ڊيسڪ: ميرپورخاص: ميرپورخاص شهر ۾ پيئڻ جي پاڻي جو شديد بحران سبب رمضان جي ڀلاري مهيني ۾ شهري پريشان ٿي جر جو کارو پاڻي واپرائڻ تي مجبور آهن جنهن ڪري شهرين ۾ پيٽ جي سور خارش دست الٽين جي بيماري وبائي طور منهن ڪڍيو آهي حاصل ڄاڻ موجب شهرجي اٽڪل ساڍا 7 لک آبادي کي ميونسپل ۽ پبلڪ هيلٿ جي 7 مختلف اسڪيمن مان 24 ڪلاڪن ۾ 3 ڀيرا ڏيڍ ڪروڙ گلين پاڻي مهيا ڪرڻ جي گنجائش رکيل آهي پر شهرين کي هفتي ۾ هڪ دفعو به مشڪل سان 5 لک گلين پاڻي به اڌ شهر ۾ مهيا ڪيو وڃي ڄاڻ موجب 7 واٽر سپلاءِ اسڪيمن جي سار سنڀال نه ٿيڻ . سلٽ ۾ ڀريل تلائن جي صفائي ۽ ٽٽل وائيپن جي بحالي نه ٿيڻ توڙي پمپنگ موٽرون درست نه ٿيڻ ڪري شهر جي 90 سيڪڙو آبادي ڀلاري مهيني ۾ پيئڻ جي مٺي پاڻي کان محروم آهي غريب شهري کارو پاڻي وارائڻ ۽ بااثر ماڻهو 28 رپيا ليٽر جي حساب سان ۽ فلٽر پلانٽن تان 100 رپيا ڪين پاڻي خريد ڪرڻ استعمال ڪري رهيا آهن .