سومر 19 نومبر 2018ء

پاڻي ڪميشن ڊي ايڇ اي ۽ ڪلفٽن ڪنٽونمينٽ ۾ اڏاوت تي پابندي لڳائي ڇڏي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڻي ڪميشن ڊي ايڇ اي ۽ ڪلفٽن ڪنٽونمينٽ ۾ اڏاوت تي پابندي لڳائي ڇڏي، سپريم ڪورٽ جي حڪم تي سنڌ ۾ صاف پاڻي جي فراهمي ۽ گندي پاڻي جي نيڪال بابت جوڙيل پاڻي ڪميشن جو اجلاس جسٽس ريٽائرڊ امير هاني مسلم جي سربراهي هيٺ ڪالهه سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٿيو. واٽر ڪميشن قرار ڏنو ته جيستائين ڪنٽونمينٽ ۽ ڊي ايڇ اي وچ ۾ حدن جو تڪرار ختم نه ٿو ٿئي تيستائين اڏاوتي رٿائن تي ڪو به ڪم نه ٿيندو. جوائنٽ سيڪريٽري واٽر ڪميشن ۾ ٽريٽمينٽ پلانٽس ۽ سيوريج بابت رپورٽ پيش ڪئي جنهن موجب ڊي ايڇ اي ۾ 5 کان 6 ايم جي ڊي پاڻي روزاني استعمال ٿيندو آهي پر رڳو 2 ڏهائي 4 ايم جي ڊي جو ٽريٽمينٽ پلانٽ آهي. ڊي ايڇ اي اختيارين ڪميشن کي ٻڌايو ته ڪراچي مان روزانو 580 ملين گيلن گندو پاڻي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪيو ويندو آهي. جنهن تي ڪميشن چيو ته اوهان سڀ ملي ڪري ٽريٽ پلانٽ تي ڪم مڪمل ڪرايو ته 30 جون تائين 158 ملين گيلن پاڻي ٽريٽ ڪري سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪيو وچي، اميد آهي ته جون 2019ع تائين تائين مڪمل گندي پاڻي کي ٽريٽ ڪري سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪيو وڃي، جنهن ۾ غفلت برداشت نه ڪئي ويندي.