سومر 19 نومبر 2018ء

هاڻي سڄي سنڌ جا اداڪار ۽ فنڪار مسئلن جي حل لاءِ گڏ ٿي ميدان تي نڪرندا: شمن علي ميراڻي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي فنڪارن کي جلد هيلٿ ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ جي گهُر، فن جي شعبي سان لاڳاپيل شخصيتن کي اسيمبلي ۾ نمائندگي ڏيڻ، سرڪاري نوڪرين ۾ ڪوٽا رکڻ، سنڌ ڪلچرل پاليسي جوڙائڻ، ۽ سرڪاري خرچ تي گهر ٺهرائي ڏيڻ جو مطالبا پيش، مصطفيٰ قريشي، حميد ڀٽو، اسد قريشي، شمن علي ميرالي ۽ ٻين چيو آهي ته هاڻي سڄي سنڌ جا اداڪار ۽ فنڪار مسئلن جي حل لاءِ گڏ ٿي ميدان تي نڪرندا. گذريل ڏهاڙي ڪراچي جي قومي عجائب گهر ۾ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ طرفان سڄي سنڌ جي فنڪارن جي مان ۾ هڪ تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ ناميارن راڳين، اداڪارن، فنڪارن ۽ فنون لطيفه سان لاڳاپيل شخصيتن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي، جنهن ۾ مصطفيٰ قريشي، شمن علي ميرالي، اسد قريشي، حميد ڀٽو، سيد محمد احمد شاهه، حنيف لاشاري، ممتاز ڪنول، علي گل ملاح، سهراب سومرو، رسول بخش ڏاهري، بشارت عباسي، علي رضا ڪٽپر، نسرين ناز، صبا سلطان، جگر جلال، پروفيسر ابراهيم خشڪ، واحد لاشاري، راجا ميمڻ، عرفان سمون، نور بانو، بختاور سنڌو ۽ ٻيا شامل هئا، ان موقعي تي گڏيل طور ٺهراءَ پاس ڪندي مطالبو ڪيو ويو ته سنڌ فنڪارن کي جلد هيلٿ ڪارڊ جاري ڪيا وڃن، سرڪاري ادارن جي نوڪرين ۾ عورتن ۽ معذورن وانگر اداڪارن جي به ڪوٽا مختص ڪئي وڃي، اسيمبلي ۾ مخصوص سيٽن تي نمائندگي ڏني وڃي ته جيئن ايوان اندر هن شعبي سان لاڳاپيل ماڻهو پنهنجا مسئلا پاڻ اٿاري سگهن.