خمیس 20  سيپٽمبر 2018ع

عدالت لائوڊ اسپيڪر ايڪٽ جي ڀڃڪڙي بابت ڪيس ۾ فاروق ستار سميت ٻين اڳواڻن کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي مقامي عدالت لائوڊ اسپيڪر ايڪٽ جي ڀڃڪڙي بابت ڪيس ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ فاروق ستار، نسرين جليل، حيدر عباس رضوي ۽ فيصل سبز واري کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ڪراچي سٽي ڪورٽ ۾ جوڊيشل مئجسٽريٽ سينٽرل جي عدالت ۾ لائوڊ اسپيڪر ايڪٽ جي ڀڃڪڙي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي وئي. عدالت ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ فاروق ستار ۽ ٻين اڳواڻن جي گرفتاري جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عدالت ايم ڪيو ايم جي ٻين اڳواڻن نسريل جيل، حيدر عباس رضوي، فيصل سبزواري جي گرفتاري جو حڪم ڏيندي چيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري 9 جولاءِ تي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.