اڱارو 18  سيپٽمبر 2018ع

سيد جلال شاهه سنڌ ۾ نگران حڪومت تي اعتراض واريندي اليڪشن ڪميشن کي خط لکي خدشن کان آگاھه ڪري ڇڏيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) سنڌ يونائيٽڊ پارٽي پاران سنڌ ۾ نگران حڪومت تي اعتراض واريندي اليڪشن ڪميشن کي خط لکي خدشن کان آگاھ ڪيو ويو آهي. سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر سيد جلال محمود شاهه، چيف اليڪشن ڪمشنر پاڪستان کي خط لکي آگاهه ڪيو آهي ته سنڌ ۾ موجود آفيسر شاهي جيڪا گذريل ڏهن سالن کان پ پ حڪومت جي سرپرستي ۽ حڪمراني ۾ شامل رهي آهي. اها سنڌ ۾ آزاد ۽ منصفانا اليڪشن ۾ رڪاوٽ بڻيل آهي. سنڌ جي نگران حڪومت ۾ پ پ جا ذميوار ماڻهو شامل ڪري ايندڙ اليڪشن کي يرغمال بڻائڻ جي سازش ٿي رهي آهي، جنهن جو جلد کان جلد نوٽيس ورتو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي انتظامي ڍانچي تي پ پ جي حمايت يافتا آفيسرن جو قبضو آهي. ڊپٽي ڪمشنر، ايس ايس پيز ۽ مختيارڪار کان وٺي تپيدار تائين پ پ حڪومت جا مقرر ٿيل آهن. هن چيو آهي ته نگران حڪومت ۾ واجد دراني ۽ سونو خان بلوچ جهڙا ڪردار شامل ڪري نگران حڪومت جي غير جانبدار ڪردار کي هڪ طرفو بڻايو پيو وڃي. سيد جلال محمود شاهه، چيف اليڪشن ڪمشنر کي گذارش ڪئي آهي ته هو آئيني ڪردار ادا ڪندي سنڌ ۾ اليڪشن جي عمل کي شفاف بڻائڻ ۾ مدد ڪري.