جمعو 21  سيپٽمبر 2018ع

ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران پنجاب ۽ سنڌ سميت ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ شديد گرمي رهندي .موسميات کاتو

ويب ڊيسڪ: اسلام آباد: موسميات کاتي چيو آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران پنجاب ۽ سنڌ جي مٿانهين وارن علائقن سميت ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم شديد گرم رهندي ، رپورٽ مطابق پنجاب جي جابلو علائقن ، خيبر پختونخواه ۽ ڪشمير ۾ گرمي پد 40 ڊگري سينٽي گريڊ جڏهن ته اندروني سنڌ ،ڏکڻ ۽ مرڪزي پنجاب ۽ اوڀر بلوچستان ۾ گرمي پد 50 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڌڻ جو امڪان آهي ، ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم شديد گرم ۽ خشڪ رهندي جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران پڻ ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ مو سم گرم ۽ خشڪ رهي .