اڱارو 18  سيپٽمبر 2018ع

نيب ايندڙ عام چونڊن ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن جي جاچ پڙتال لاءِ اسڪروٽني فيسيليٽيشن سيل قائم ڪري ڇڏيو

ويب ڊيسڪ: اسلام آباد: قومي احتساب بيورو (نيب) ايندڙ عام چونڊن ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن جي جاچ پڙتال لاءِ اسڪروٽني فيسيليٽيشن سيل (سهولت مرڪز) قائم ڪيو آهي، اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان نيب سميت ٻين ادارن جي سهڪار سان چونڊن 2018ع جون تياريون ڪري رهي آهي. انهن چونڊن جو اهم رخ چونڊن ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن جي جاچ پڙتال آهي جنهن لاءِ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان نيب سان ويجهو رابطو رکڻ لاءِ جامع طريقيڪار جوڙيو آهي ته جيئن ايندڙ عام چونڊن ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن بابت ڄاڻ بروقت شيئر ڪري سگهجي، نيب چيئرمين جسٽس(ر) جاويد اقبال نيب هيڊ ڪوارٽرز ۽ سمورن علائقائي بيوروز کي ايندڙ عام چونڊن ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن جي جاچ پڙتال لاءِ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي مقرر/ گهٽ ۾ گهٽ وقت ۾ قانون مطابق گهربل ڄاڻ فراهم ڪرڻ لاءِ سهڪار لاءِ اسڪروٽني فيسيليٽيشن سيل قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال جي هدايت تي نيب هيڊ ڪوارٽرز ۾ ڊائريڪٽر جنرل آپريشن ظاهر شاهه جي نگراني ۾ ايڊيشنل ڊائريڪٽر شڪيل انجم ناگره کي فوڪل پرسن مقرر ڪيو آهي ته جيئن اليڪشن شيڊول تي عمل در آمد دوران اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي بنا وقفي 24 ڪلاڪ ڄاڻ جي فراهمي کي يقيني بڻائي سگهجي، هن وڌڪ هدايت ڪئي ته ايندڙ عام چونڊن ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن جي جاچ پڙتال لاءِ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي مقرر/ گهٽ ۾ گهٽ وقت ۾ قانون مطابق گهربل ڄاڻ فراهم ڪرڻ لاءِ سموريون صلاحيتون استعمال ڪرڻ اسان جي سرڪاري ذميواري ۽ قومي فرض آهي ۽ ان سلسلي ۾ ڪا ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي.