سومر 19 نومبر 2018ء

جسٽس (ر) دوست محمد خان خيبرپختونخوا جي نگران وڏي وزير طور حلف کڻي ورتو

ويب ڊيسڪ: پشاور: جسٽس (ر) دوست محمد خان اربع تي خيبرپختونخوا جي نگران وڏي وزير طور حلف کڻي ورتو. خيبرپختونخوا جي گورنر انجنيئر ظفر اقبال جهگڙا گورنر هائوس ۾ منعقد ٿيل پر وقار تقريب ۾ دوست محمد خان کان حلف ورتو. اڳوڻي وڏي وزير پرويز خٽڪ، ايڊووڪيٽ جنرل ڪي پي ڪي ۽ سينيئروڪيلن سان گڏ ٻين عملدارن حلف برداري جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي.