سومر 19 نومبر 2018ء

سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران 2017ع ۾ سنڌي ادب جي مختلف صنفن تي ڇپيل بهترين ڪتابن تي ايوارڊ ڏيڻ جو اعلان

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران 2017ع ۾ سنڌي ادب جي مختلف صنفن تي ڇپيل بهترين ڪتابن تي ايوارڊ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. بورڊ آف گورنرس پاران جوڙيل ايوارڊ ڪميٽي جي ميمبرن، ليکڪن ۽ پبلشرن پاران موڪليل ڪتابن کي معزز جج صاحبان ڏانهن موڪلڻ کانپوءِ ججن جي فيصلي کي سامهون رکندي 2017ع جي مختلف صنفن جي ڪتابن کي ايوارڊ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. ايوارڊ ڪميٽي معزز ميمبرن محترم شوڪت حسين شورو، محترم انور فگار هڪڙو ۽ محترمه شبنم گل تي مشتمل آهي. اداري جي ترجمان پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب ”ٻولي ۽ لسانيات“ جي موضوع تي ڊاڪٽر شازيه سفير جي ڪتاب ”شاهه لطيف جي شاعري جو لسانياتي اڀياس“، تحقيق ۽ تنقيد جي صنف تي مختيار احمد ملاح جي ڪتاب ”اڻويهين صديءَ جي سنڌي نثر جي تاريخ“، ناول تي دادلي ناصر زهراڻي جي ڪتاب ”دنيا دم دريا“، ڪهاڻي جي صنف تي شبنم گل جي ڪتاب ”خالي هنج جو ڏک“، ترجمي جي موضوع تي انعام شيخ جي ڪتاب ”پرمانند ميوارام“، سوانحي ادب تي عبدالقادر منگي جي ڪتاب ”جو ئي آهيان سو ئي آهيان“، شاعري جي صنف تي ادل سومري جي ڪتاب ”نيرولي جو خواب“ ۽ ٻاراڻي ادب تي ياسر قاضي جي ڪتاب ”لولو ڏنم ڪانءُ کي“، معزز ججن پاران 2017ع جي ايوارڊ لاءِ نامزد ڪيا ويا، پڌرائي موجب عيد کانپوءِ جلد تقريب ڪوٺائي ايوارڊ ڏنا ويندا. ٻئي طرف سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري ۾ تازو ئي مقرر ٿيل سيڪريٽري محترمه شبنم گل پنهنجي ايوارڊ تان دستبرداري جو اعلان ڪندي چيو ته: جنهن وقت معزز جج صاحبان منهنجي ڪتاب بابت فيصلو ڪيو ان وقت آءٌ اداري جي سيڪريٽري نه هئيس، هن وقت اداري ۾ بطور سيڪريٽري ذميواريون نڀائي رهي آهيان تنهن ڪري ان ايوارڊ تان دستبردار ٿيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.