خمیس 20  سيپٽمبر 2018ع

اڳوڻي وزير اعظم مير ظفرالله جمالي پاران تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو

ويب ڊيسڪ: اسلام آباد: اڳوڻي وزيراعظم مير ظفر الله جمالي پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پي ٽي آءِ جي ترجمان مطابق اڳوڻي وزيراعظم مير ظفر الله جمالي ۽ پي ٽي آءِ بلوچستان جي صوبائي صدر يار محمد رند وچ ۾ فون تي رابطو ٿيو، جنهن ۾ مير ظفر الله جمالي ساٿين سميت تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿيڻ جو اشارو ڏنو آهي. پي ٽي آءِ ترجمان مطابق مير ظفر الله جمالي ۽ يار محمد رند وچ ۾ جلد ملاقات تي اتفاق به ٿيو آهي، جڏهن ته يار محمد رند مير ظفر الله جمالي کي عمران خان سان ملاقات ڪرائڻ جو پڻ يقين ڏياريو آهي.