جمعو 21  سيپٽمبر 2018ع

وفاقي حڪومت عبدالفطر تي چئن موڪلن جو اعلان ڪري ڇڏيو

ويب ڊيسڪ: اسلام آباد: وفاقي حڪومت عيدالفطر جي موڪلن جو اعلان ڪري ڇڏيو. وفاقي حڪومت عيدالفطر تي چئن موڪلن جو اعلان ڪيو آهي ۽ ان حوالي سان گهرو وزارت نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي. نوٽيفڪيشن موجب 15 جون کان 18 جون يعني جمعي، ڇنڇر، آچر ۽ سومر تي عيدالفطر جون موڪلون هونديون. ان کان اڳ سوشل ميڊيا تي عيدالفطر جي حوالي سان ڪوڙو نوٽيفڪيشن به گردش ڪري رهيو هو جنهن ۾ عيد جون موڪلون اڱاري يعني 19 جون تائين ڏيکاريون ويون هيون.